ميرانشاهه ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو، پاڪ فوج جا 5 اهلڪار زخمي، 3 حملي آور ماريا ويا، علي وزير 8 ساٿين سوڌو گرفتار

0Shares

ميرانشاهه(م ڊ) محسن داوڙ ۽ علي وزير جي اڳواڻي ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جي ڪارڪنن جو سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو، 5 اهلڪار زخمي، جوابي ڪارروائي ۾ 3 حملي آور مارجي ويا، 10 زخمي، علي وزير 8 ساٿين سوڌو گرفتار. آءِ ايس پي آر موجب محسن جاويد ۽ علي علي وزير جي اڳواڻي ۾ هڪ گروپ اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ خارڪمر چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، حملي جو مقصد دهشتگردن جي شڪي سهولتڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند گروپ پاران چيڪ پوسٽ تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، فوجي دستن ان صورتحال ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب گروپ جي فائرنگ ۾ 5 فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 حملي آور مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي علاج لاءِ آرمي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب علي وزير کي 8 ساٿين سوڌو حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته محسن جاويد ماڻهن کي ڀڙڪائڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ چاهين ٿا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هڪ گروپ پاران سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، وڏين قربانين کانپوءِ قبائلي علائقن ۾ امن بحال ٿيو آهي، وزيراعظم قبائلي عوام جي زخمن تي مرهم رکي. هن چيو ته علائقي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ قدم کڄي رهيا هئا، قبائلي عوام جي حقن لاءِ مثبت اڳڀرائي جي شروعات ٿي، قبائلي ماڻهن کي ثمر ملڻ جو وقت آيو هو پر ڪجهه ماڻهو عالمي قوتن جي اشاري تي ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته رياست خلاف مسلسل پروپيگنڊا ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪيو پئي ويو، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سڌ سماءَ واري صلاحڪار چيو ته قبائلي عوام ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ هر اول دستو بڻجندو، عوام انهن گروپن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو هوندو. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ايڪشن آئين ۽ قانون موجب هوندو، رياست جي رٽ کي هر صورت ۾ قائم رکيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں