وزيراعظم جو مودي کي فون، عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي فون ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان نريندر مودي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ترجمان موجب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري جي لاءِ  گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر فيصل موجب وزيراعظم اتر ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي عزم جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم عمران خان  ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي نريندر مودي کي سوشل ميڊيا ذريعي مبارڪباد به ڏني جنهن تي نريندر مودي به عمران جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي هميشه عوام جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ مودي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، اسان هميشه سمورا مسئلا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جا حامي رهيا آهيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں