اسلام آباد (بيورو) چين جي نائب صدر وانگ ڪشان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. چيني نائب صدر وانگ ڪشان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو، ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي بابت وزير خسرو بختيار سندس آجيان ڪئي. چيني نائب صدر جي مان ۾ ايوان صدر ۾ هڪ خاص تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ صدر عارف علوي معزز مهمان کي اعليٰ ترين سول اعزاز ”نشان پاڪستان“ سان نوازيو، جڏهن ته وانگ ڪشان اسلام آباد ۾ فرينڊز آف سلڪ روڊ سيمينار ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هوڏانهن چيني نائب صدر وزيراعظم هائوس پهتو، جتي عمران خان سندس آجيان ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح ڪرڻ جي تقريب ٿي. پاڪستان ۽ چين معاشي، ٽيڪنيڪي معاملن ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ سهڪار جي ايم او يوز تي صحيحون ڪيون. چيني نائب صدر گنڌارا جو به دورو ڪندو، جتي کيس گنڌارا جي قديم تهذيب جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب چيني نائب صدر چائنا ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن جو اهم رڪن آهي، سندس دوري جو مقصد پاڪ – چين اعليٰ سطحي ڏي وٺ جو سلسلو جاري رکڻ آهي. سندس چوڻ هو ته نومبر 2018 ۽ تازو بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ وزيراعظم جي شرڪت سان اعليٰ سطحي ڏي وٺ ۾ تيزي آئي آهي. ٻئي طرف چيني صدر چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جو منصوبو آهي، چين پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندو، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو دور شروع ٿيندو. 04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟