لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪالھ لاڙڪاڻي پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سميت شهر جي ٻين مختلف سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو ويو، جنهن دوران پ پ چيئرمين طرفان شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ ايمرجنسي روم جو افتتاح پڻ ڪيو، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي فوڪس ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سول اسپتال، جناح اسپتال، نيو ڪراچي ۽ عباسي شهيد اسپتال م سنڌ حڪومت چائلڊ لائف دائونڊيشن جي مدد سان پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ تي اي آر کولي آهي، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ اههولتن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، ڊاڪٽرز طرفان هڪ ٻار کي ايمرجنسي روم ۾ ڏٺو ويندو آهي، ته جيئن ٻار کي زندگي بچائن ۾ وڌيڪ مدد حاصل ٿيندي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي کان پوءِ سکر، جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ پڻ ايمرجنسي روم کوليا ويندا، هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي رينڪنگ ۾ ايشيا ۾ صرف سنڌ صوبو ۽ گجرات صوبو شامل آهن ۽ سنڌ 6 نمبر رينڪنگ ۾ آهي، جڏهن ته سنڌ اينگرو، ٿر ڪول منصوبو، جهرڪ ملاڪاتيار پل، ڪراچي ٺٺو ڊئل ڪيريج وي سميت ٻيا منصوبا پبلڪ پاٽرنرشپ تحت ٺاهيا، جڏهن ته هڪ ڏينهن عوام موقعيو ڏيندو ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سڄو پاڪستان پبلڪ پاٽنرشپ جي تحت منصوبه هر ڪم شروع ٿيندا، هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪمران سنڌ کان ادارا کسي وفاق کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، خان صاحب ليڊي ريڊنگ اسپتال کي ماڊل اسپتال ٺاهڻ چاهي پيو، پر هاڻي ليڊي ريڊنگ اسپتال کي خان صاحب پنهنجي مائٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسپتال جو ستيا ناس ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جناح اسپتال ۾ سائيبر نائيف ٽيڪلاجي ڏني وئي آهي، هي ماڻهو جڏهن پاڻ ڪجھ نه ڪري سگهندا آهن ته سنڌ کان ادارا کسي رهيا آهن، اسان ڪنهن کان خيرات ناهيون گهري رهيا اسان صرف پنهنجو حق گهري رهيا آهيون، جڏهن ته اسان کي اين ايف سي ۾ حصو نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌ مان گئس پيدا ٿيندي آهي ۽ سنڌ جو ئي گئس بند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 1991 جي معاهدي تحت حصي جو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي، معاشي طور تي وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪمزور ڪري رهي آهي، اسان عمران خان جي حڪومت کي خبردار ڪيون ٿا ته ٽن اسپتالن واور نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ اسلام آباد پهچندس ۽ پنهنجو حق وٺي رهندس، هن وقت به ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، جڏهن ته فيصلا اسلام آباد ۾ ويٺل ڪٽ پتلي ڪري رهيو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي ايڊز اشو اٿاري سنڌ جي عوام خلاف سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڊز جا مريض موجود آهن، جنهن جو ذڪر ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، وفاقي وزير سنڌ کي ايڊستان جو تاثر ڏيڻ چاهن ٿا، جڏهن ته ملتان ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 1022 آهي، جنهن جو ڪوئي ذڪر نه آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت سازش ۽ خوف ڦهلائڻ تي لهي آهي ته ان سازش کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو ۽ خوف ڦهلائڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي جو ٻار هجي يا رتوديرو، ڪوئٽه يا پنجاب جو ٻار ڇو نه هجي اوهي سڀ اسان جا ٻچا آهن، هن چيو ته فاٽا جي علائقي مان نڪرندڙ نوجوان سياستدانن جا خدشا ٻڌڻ گهرجن، جڏهن ته نيب شروع کان ئي هڪ طرفو آهي آمر پاران ٺاهيل سياسي انتقام جو ادارو آهي، جڏهن ته ايندڙ 29 تاريخ تي مونکي نيب طلب ڪيو آهي، مان اتي پيش ٿيندس، پر اهو سياسي انتقام آهي، هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان چيو هيو ته بلاول زرداري بي گناھ آهي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي بلاول جو نالو شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته عيد کان پوءِ اي پي سي ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ مشترقا لائحه عمل جوڙيو ويندو، هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن پاران پ پ چيئرمين کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، صحت جي صوبائي وزير عذره پيچوهو، نثار کهڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟