ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٽن صحت جي سهولتن جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي ۽ اين آئي سي ايڇ کي ٽيڪ اوور ڪرڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سبب غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، انهيءَ ڪري انهن ادارن ۾ فراهم ڪيل صحت جي خدمتن جي وسيع تر مفاد ۾ نوٽفيفڪيشن واپس ورتو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري فناننس نجم شاهه، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ اصغر ميمڻ، ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر اين آئي سي وي ڊي ڊاڪٽر نديم قمر، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي سيمي جمالي، ڊائريڪٽر اين آئي سي ايڇ ڊاڪٽر جمال رضا، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر دبير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ٽن صحت جي ادارن اي آئي سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آئي سي ايڇ جو انتظامي ڪنٽرول وٺڻ بابت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ان فيصلي سبب بي چيني ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سان لاڳاپيل بهترين ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نيشنل هيلٿ سروسز جي وزارت کي گهرجي ها ته هو صوبائي حڪومت سان سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ طريقي ڪار بڻائڻ لاءِ تياري ڪرڻ بابت اجلاس منعقد ڪري ها پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙو ڪوبه اجلاس نه سڏرايو ويو. هن چيو ته آئون حيران آهيان ته صحت جون سهولتون واپس وٺڻ بابت اسپتالن جي انتظاميا کي ڪنهن به قسم جي ڪابه اطلاع نه ڏني وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي پٽيشن دائر ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو عدالت جي حتمي فيصلي تائين انتظار ڪري، پر هن (وفاقي حڪومت) غير توقع طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي آهي. وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي پٽيشن جي ٻڌڻي لاءِ ارجنٽ درخواست دائر ڪري. هن چيو ته انهن سمورن ٽن ادارن ۾ اسانجا مختلف اهم منصوبا هلندڙ آهن ۽ ٻين مختلف پائيپ لائين ۾ آهن ان ڪري اسان اهو چاهيون ٿا ته اهو معاملو حل ٿئي ته جيئن صوبائي حڪومت انهيءَ موجب اڳتي وڌي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي سخت محنت، توجه ۽ تندهي سان انهن ٽن صحت جي سهولتون ڏيندڙ ادارن جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي ۽ اين آئي سي ايڇ کي مثالي ادارا بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان بابت انهيءَ ۾ توسيع ڪرڻ لاءِ بجيٽ پڻ رکيو هو. هن چيو ته صوبائي حڪومت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ اين آئي سي وي ڊي جا 8 سيٽلائيٽ مرڪز پڻ قائم ڪيا آهن. اين آئي سي ايڇ جا سيٽلائيٽ پڻ ٻين ضلعن ۾ قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ جي پي ايم سي ايمرجنسي ۽ سائبر نائيف پروجيڪٽ پڻ شروع ٿيڻ وارا آهن. هن چيو ته اسان محسوس ڪريون ٿا ته صوبائي حڪومت انهيءَ ٽن ادارن کي بهتر طريقي سان هلائي سگهي ٿي ڇوته اسان انهيءَ جي گهڻو ويجها آهيون انهيءَ ڪري صوبائي حڪومت کي انهن ادارن کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ لاءِ کيس انتظامي ڪنٽرول ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي04.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟