سنڌ ۾ ڌار صوبي جي خلاف آهيون، نئين مڪاني نظام سان ورهاڱي جي ضرورت نه پوندي: وزيراعظم

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وزيراعظم پاڪستان عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ هڪ ٻيو صوبو ٺاهڻ جي خلاف آهي، پي ٽي آءِ جي نئين بلدياتي نظام جي متعارف ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪنهن به ورهاست جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته نجي شعبو معيشت جي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري، منهنجو مشن پاڪستان مان غربت مٽائڻ آهي. معاشي استحڪام لاءِ ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ماهر مقرر ڪيا آهن. هن اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران گورنر هائوس ۾ ٿيل مختلف تقريبن ۽ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن ۽ واپاري برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان اتحادي جماعتن جي وفد ۽ پي ٽي آءِ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي نئين بلدياتي نظام جي تعارف بعد ڪنهن به قسم جي تقسيم جي صرورت نه پوندي. پي ٽي آءِ سنڌ ۾ نئين صوبي خلاف آهي. هن چيو ته 22 سالن جي سياسي جدوجهد ان ڪري نه ڪئي ته ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻجي پر ان لاءِ ڪئي آهي ته پاڪستان کي چورن ۽ ڦورن کان بچائجي، اهڙن عنصرن خلاف پنهنجي جدوجهد جاري کنداسون جن پاڪستان کي لٽيو ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪيو. وزيراعظم تحريڪ انصاف جي اسييمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي تڪن جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ عوامي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان چيو ته صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي گهرجي ته هو پنهنجي تڪ جي عوام جي فلاح ۽ بهبود خاص طور تي صحت ۽ تعليم جي مسئلن تي خصوصي توجهه ڏين، غربت جي خاتمي جي پروگرام ”احساس“ صحت ۽ انصاف جي پروگرام کي سنڌ ۾ جاري ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڀرپور تعاون ڪندي. پي ٽي آءِ سنڌ ۾ هڪ نئون صوبو ٺاهڻ جي خلاف آهي، اسان جي نئين بلدياتي نظام جي متعارف ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪنهن به تقسيم جي ضرورت نه رهندي. وزيراعظم سان گورنر هائوس ۾ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن جي وفد ۽ پي ٽي آءِ جي جن صوبائي ۽ قومي اسييمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي انهن ۾ فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، حليم عادل شيخ، فيصل واوڊا، اشرف قريشي، ارباب غلام رحيم، سيد صدر الدين شاهه راشدي، نندڪمار گوڪلاڻي، نصرت سحر عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل تحريڪ انصاف جا سينيئر اڳواڻ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري مختلف ترقياتي منصوبن ۽ اتحادي معاملن کان علاوه ڪراچي سميت سنڌ کي درپيش مسئلن کي اجاڳر ڪندي مختلف مسئلن جي حل لاءِ ڏنل تجويزن تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس ۾ فيڊرل آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪراچي جي واپاري برادري جي هڪ وفد پڻ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايف پي سي سي آءِ، ڪي سي سي ايمپلائيز فيڊريشن، پاڪستان ريڊيمينٽ گارمنٽس، پاڪستان ليدر گارمنٽس، رائيس ايڪسپورٽ، پاڪستان آٽو موٽيو پارٽس، پاڪستاب بيڊ ويئر ايڪسپورٽرز، پاڪستان ڊينم مينوفيڪچررز، ٽوال مينوفيڪچررز، پاڪستان هوزري ۽ ٻين ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل نمائندا شامل هئا. ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل وفاقي وزير علي زيدي، عبدالرزاق دائود پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته آئون چاهيان ٿو ته اسان جي حڪومت سڀ کان وڌيڪ واپاري برادري ۽ سيڙپڪار دوست حڪومت سڃاتي وڃي، منهنجو مشن پاڪستان مان غربت مٽائڻ آهي جنهن ۾ تاجر برادري منهنجو ساٿ ڏئي. گذريل حڪمرانن معيشت کي ڪرپشن سان تباهه ڪيو، اسان کي هڪ تباهه ٿيل معيشت ملي، مان چورن کي نٿو ڇڏي سگهان. وزيراعظم چيو ته هن وقت حڪومت جي توجهه معاشي استحڪام تي آهي. ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ماهر مقرر ڪيا آهن منهنجي واپاري برادري کي گذارش آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو کڻن، حڪومت چاهي ٿي ته نجي شعبو معيشت جي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، حڪومت سرمائيڪاري ۽ واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي ۽ سڀ سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروبار ۾ سهولت ايف بي آر جي اصلاحات ۽ تجارت لاءِ سازگار ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ سر فهرست آهي، ڪاروباري برادري پاران حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي واپارين پاران معاشي استحڪام ۽ اقتصادي هدف جي حصول لاءِ وزيراعظم کي تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ منصوبو شروع ڪرڻ بابت گورنر هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وفاقي وزير علي زيدي، فيصل واوڊا، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خصوصي معاون نعيم الحق، ناليوارو واپاري عقيل ڪريم ڊيڊي، زيگم محمود رضوي، عارف حبيب، نجيب هارون، آفتاب صديقي، فردوس شميم نقوي، ثمر علي خان، صالح احمد فاروقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرائيويٽ سيڪٽر پاران نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ هائوسنگ پروگرام تحت مختلف منصوبا شروع ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام حڪومت جي اهم منصوبن جو حصو آهي جنهن جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ پنهنجي ذاتي رهائشگاهه جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ آهي. هن چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ مختلف منصوبن جي آغا سان سنڌ جي ماڻهن خاص طور تي نوجوانن کي ڪاروبار ۽ روزگار جو موقعو ملندو ۽ ڪيترن ئي لاڳاپيل صنعتن کي فروغ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هائوسنگ پروگرام ۾ نجي شعبي جي دلچسپي حوصلو ڏيندڙ آهي، حڪومت چاهي ٿي ته نجي شعبو ان سلسلي ۾ حصيدار بڻجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں