ڪوئيٽا ۾ وري دهشتگردي، مسجد اندر ڌماڪو، پيش امام سوڌو 3 نمازي شهيد، 27 زخمي

0Shares

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا جي علائقي  پشتون آباد جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيش امام سميت 3 نمازي شهيد ۽ 27 زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو پشتون آباد جي رحمانيا مسجد ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ ٿيو. ڌماڪو ايتروته شديد هو جو  علائقي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. پوليس ۽ سيڪيورٽي  فورسز علائقي  کي گهيري ۾ آڻي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڌماڪي سبب مسجد جي اندروني حصي  کي سخت نقصان پهتو. سول اسپتال  ڪوئيٽا جي ايم ايس  ڌماڪي ۾ 3 نمازين جي شهيد ٿيڻ ۽ 27 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هن ٻڌايو ته ٽن زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي طرف وفاقي گهيرو وزير اعجاز شاهه، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال،گهرو وزير سميت اعليٰ عملدارن  ڌماڪي جي مذمت ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ويندو. هنن چيو ته دهشتگرد اسان جا حوصلا جهڪائي نٿا سگهن. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان واقعي جي سخت مذمت ڪندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين پڻ مذمت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں