پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفن معاملن تي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪ ايران سان دوستي جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستان ايران سان علائقائي ترقي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ  جو خواهشمند آهي، هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خطي جي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي جنهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ايران سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان برابري جي سطح تي خوشگوار لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ خطي جي ترقي لاءِ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجهو تعاون اڻٽر آهي، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي قومن وچ ۾ قديم ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، ايران پاڪستان سان پنهنجن ويجهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا ۽ هڪٻئي جي مدد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ايران خطي ۾ امن ترقي لاءِ پاڪستان کي پنهنجو پارٽنر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳا وڌائڻ جي ضرورت آهي، جواد ظريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ تعاون ذريعي دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں