اسلام آباد(بيورو) ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي واضح ڪيو آهي ته اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي حوالي سان قانون ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، بجلي ۽ گيس جي سمورن صنعتي صارفين کي ايمنسٽي اسڪيم ۾ سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، پهرين جولاءِ کانپوءِ قانونسازي ڪري ڪارروائي ڪنداسين، پاڪستان ۾ هڪ لک ڪمپنيون ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ آهن، ٽيڪس فائلر 50 هزار ڪمپنيون آهن، ايس اي سي پي چيئرمين کي خط لکيو آهي، ٻين 50 هزار ڪمپنين کي اهو ڪڍي يا مان ڪڍي ڇڏيندس، نان فائلر ڪمپنين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، قانون ۾ ڪٿي ڪمزوري آهي ته ويهي ڏسنداسين، اڻ رجسٽرڊ ادارا 2 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏئي رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا، ايمنسٽي اسڪيم ۾ سيلز ٽيڪس جون رهتون ڪليئر ڪرائي سگهجن ٿيون، غلطي ڪندڙ ادارن کي سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جو موقعوڏئي رهيا آهيون، صنعتي ادارن جو ري ايڪشن ڏسي سزا جو فيصلو ڪنداسين، اربع تي ايف بي آر عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبر زيدي ٻڌايو ته شڪايت اچي رهي هئي ته ماڻهن کي نوٽيس نه پيو ملي ۽ اڪائونٽس منجمند ڪيا پيا وڃن، اها هدايت ڪئي آهي ته جنهن جو اڪائونٽ منجمند ڪيو وڃي ان کي24 ڪلاڪ اڳواٽ آگاهه ڪيو وڃي، اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جي حوالي سان قانون ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جا صنعتي صارفين 3 لک 41 هزار آهن، جڏهن ته سيلز ٽيڪس ۾ 38 هزار ادارا رجسٽرڊ آهن، هن چيو ته اڻ رجسٽرڊ ادارا 2 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏئي رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا، پهرين جنوري کانپوءِ اهڙن ادارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، هن چيو ته هميشه ڪاروبار لاءِ ماحول پيدا ڪرڻو آهي، صنعتي ادارن کي سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽر ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پنهنجي قانون جو جائزو وٺنداسين، غلطي ڪندڙ ادارن کي سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته سيلز ٽيڪس ايمنسٽي پهريون ڀيرو فراهم ڪئي، صنعتي ادارن کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته ٽِيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وڃن، هن چيو ته ايمنسٽي اسڪيم تائين فائلز جو انگ وڌائڻ جو ٽارگيٽ نٿا ڏئي سگهون، ڪوشش آهي ته ماڻهو پاڻ اچي ٽيڪس نظام ۾ شامل ٿين، في الحال پراڻي نظام موجب رجسٽرڊ ٿيندا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو رضاڪاراڻي طور ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ٿين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟