اسلام آباد(بيورو) قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، ڀارتي چونڊن کانپوءِ جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمد الله عباسي، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، اٽارني جنرل انور منصور خان، گلگت-بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير اعجاز احمد شاهه، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، علي امين گنڊاپور ۽ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم پن شريڪ ٿيا. ذريعن موجب قومي سلامتي جي اجلاس ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ عالمي حالتن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڀارتي چونڊن کانپوءِ جي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو، ملڪ جي سلامتي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خلاف قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪي معيشت ۽ ٻين درپيش چيلينجن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جي ملاقات پڻ ٿي، جنهن ۾ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي موجب اجلاس ۾ خطي جي تازو ٿيل اڳڀرائين، خاص طور تي جيو اسٽريٽجڪ ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته فورم علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان پاران ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو، فورم ملڪ جي معاشي معاملن جي پائيدار حل جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته فيصلي سازي جي عمل ۾ گلگت-بلتستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟