مهانگائي جو طوفان اسان جي عملن جو نتيجو آهي، الله پاڪ مشڪل مان ڪڍندو: پيرپاڳارو

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن  جي روحاني اڳواڻ پير پاڳاري چيو آهي ته پاڪستان جو عوام مهانگائي جي طوفان لاءِ تيار نه هو اها اسان جي عملن جو نتيجو آهي قوم تي آزمائشون اينديون رهنديون آهن الله پاڪ پاڪستان جي عوام کي مشڪل مان ٻاهر ڪڍندو هاڻ قصو دعائن کان وڌي ويو آهي عملي قدم کڻڻا پوندا گذريل ڏينهن مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر پير صدرالدين راشدي جي افطار پارٽي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مون پنهنجي حر جماعت جي ماڻهن ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪارڪنن کي 2 سال اڳ ئي مهانگائي جي طوفان بابت خبردار ڪري ڇڏيو هو ۽ مٿن واضح ڪيو هو ته مهانگائي اچڻ واري اهي ان لاءِ تيار رهو اليڪشن کان اڳ چيو هئم ته ڊالر جي قيمت وڌندي پير پاڳاري چيو ته پريشاني ضرور ايندي آهي مهانگائي هر گهر ۾ آهي پر پاڪستان ۾ اڄ جيڪا صورتحال آهي ان مان ضرور نڪرنداسين الله پاڪ پنجتن پاڪ جي صدقي هن ملڪ  ۽ قوم سان پنهنجي ڪاوڙ ختم ڪري افطار ڊنر ۾ سنڌ جي اڳوڻن وڏن وزيرن سيد غوث علي شاهه، سيد مظفر شاهه، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عامر خان، نصرت سحر عباسي، عارف مصطفيٰ جتوئي، سردار رحيم، حليم عادل شيخ، عبدالرزاق راهمون سميت ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ پريس ڪلب جي عهديدارن سميت وڏي انگ ۾ صحافين به شرڪت ڪئي.03

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں