اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪوتاهي ۾ فرق هوندو آهي، هر غلط ڪم ڏوهه ناهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪوتاهي ۾ فرق آهي، هر غلط ڪم ڏوهه ناهي هوندو.سپريم ڪورٽ ۾ جعلي دستاويزن جي بنياد تي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي رجسٽريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جعلي دستاويزن جي بنياد تي 5 گاڏيون رجسٽرڊ ڪيون. عدالت ٻڌڻي کان پوءِ اڳوڻي اي ٽي او الفت نسيم جي سزا خلاف اپيل رد ڪندي جوابدار کي چار سال قيد ۽ 30 هزار ڏنڊ وارو فيصلو برقرار رکيو، جڏهن ته سرڪاري ناڻي کي نقصان پهچائڻ جي مد ۾ جوابدار مٿان 20 لک رپين جو ڏنڊ ختم ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن رد ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري خزاني کي نقصان ناهي پهتو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته اختيارن جي غلط استعمال ۽ ڪوتاهي ٿيڻ ۾ فرق هوندو آهي. هر غلط ڪم ڏوهه ناهي هوندو، ڏسڻو اهو آهي جوابدار الفت نسيم ڄاڻي واڻي جعلي دستاويزن کي تسليم ڪيو يا غلطي سان. چيف جسٽس چيو ته سرحدي علائقن ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جون منڊيون لڳيون پيون آهن، هر سرڪاري آفيسر کي سموري گڙبڙ جي خبر هوندي آهي. نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو ڪاروبار تمام وڏو آهي، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو ڪاروبار لاڳاپيل آفيسرن جي مرضيءَ بنا نٿو هلي سگهي،  فوجي آپريشن دوران به هڪ پرچي تي نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون سرحد پار ڪنديون هيون،  پهريان هڪ ڦڪي گاڏي جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، اهي سڀئي گاڏيون افغانستان هليو ويون آهن هڪ به نظر نٿي اچي. جوابدار جي وڪيل چيو ته ڦڪي رنگ واريون گاڏيون نواز شريف حڪومت جاري ڪيون هيون، افغانستان ۾ ڦڪين گاڏين کي نوازي چيو ويندو آهي، جوابدار چيو ته سمورين گاڏين جي تصديق لاءِ ايف بي آر کي خط لکيا هئا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں