ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو چئلينج آهي، هڪ سال ۾ مهانگائي 3.8 مان وڌي 7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي: اسٽيٽ بئنڪ

0Shares

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران  آئينده ٻن مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويو. تفصيل موجب  گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر جي نگراني هيٺ مانيٽري پاليسي جو اجلاس ٿيو جنهن بعد  ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. مرڪزي بئنڪ پاران شرح  وياج ۾ 1.50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ شرح وياج 10.75 رپيا کان وڌيڪ 12.25 سيڪڙو  اسٽيٽ مطابق مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ باوجود نجي شعبي جو قرض 4 سيڪڙو وڌيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق  هڪ سال دوران مهانگائي ٻيڻي ٿي ويئي آهي. مهانگائي جو سيڪڙو 3.8 کان وڌيڪ 7 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. جڏهن ته خا نگي بئنڪون حڪومت کي قرض ڏيڻ کان لنوائي رهيون آهن، ٽن مهينن دوران خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هڪ سال ۾ مهانگائي ٻيڻي  ٿي وئي، بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ ڦيرڦار مهانگائي وڌڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، رپئي جي قدر ۾ لاٿ سان مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي. جڏهن ته خساري جي فنانسنگ نوٽ ڇاپي ڪرڻ سان به مهانگائي وڌڻ جا خدشا آهن، توانائي جي قيمتن ۾ اضافي سان به مهانگائي وڌندي. اسٽيٽ بئنڪ ڄاڻايو آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان رپئي جو قدر دٻاءُ جو شڪار آهي، رپئي جي قدر ۾ غيرضروري گهٽ وڌائي ٿي ته مداخلت ڪنداسين. مانيٽري  پاليسي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪمرشل بئنڪ حڪومت کي قرض ڏيڻ ۾ ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهيون آهن. حڪومت اڪثر قرض اسٽيٽ بئنڪ کان ئي وٺي رهي آهي.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں