نواز ليگ پاران نيب جون ڪارروايون سياسي انتقام قرار، حڪومت خلاف مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) نواز ليگ پاران نيب جون ڪارروايون سياسي انتقام قرار، حڪومت خلاف مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان، مريم نواز چيو آهي ته جعلي ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي نٿا مڃون، ڇاڪاڻ ته اها ان ڪرسيءَ جي پڻ توهين آهي.  تفصيل موجب اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، حمزا شهباز، شاهد خاقان عباسي، خواجا آصف، پرويز رشيد ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته نيب ڪاررواين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي عيد کانپوءِ مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته هو جعلي ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي نٿي مڃي، ڇو ته اهو هن ڪرسي جي به توهين آهي. مريم نواز چيو ته ووٽ جي عزت نه ڪئي ويندي ته اهو ئي حال هوندو، جيڪو هاڻ ملڪ سان ٿي رهيو آهي. مريم نواز چيو ته عليمه خان ۽ ٻين جي پراپرٽي نڪري اچي ٿي، نيب ان جو نالو به نٿي وٺي، جيڪي مهرا آهن ان جو ڪهڙو نالو وٺن، هي سڀ نيب کي نظر نه ٿو اچي. هن جو چوڻو هو ته جڏهن سليڪٽ احتساب ٿيندو ته پوءِ اداري جي ڪهڙي ساک هوندي؟ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نيب جڏهن ڪيس ٺاهي ٿي ۽ جنهن کي گرفتار ڪرڻو هوندو، وزير ۽ جعلي وزيراعظم پنج ڏينهن پهرين انهن کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن. هن کان اڳ هو اجلاس ۾ شرڪت کان پهرين مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت کي مخالف ڌر جي ضرورت ناهي، اها پاڻ ئي پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيندي. اسلام آباد ۾ پارٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس آمد جي موقعي تي مريم نواز ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون. هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان پارليامينٽ ۾ ميمبر طور ڪڏهن اچي رهيون آهيو ان تي هن جواب ڏنو ته تمام جلد انشاءَ الله. مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته  عمران خان وٽ ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪجهه نه رهيو آهي، حڪومت کي مخالف ڌر جي ضرورت ناهي. هيءَ پاڻ ئي پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي بالادستي، پاڪستان کي اهڙن ئي اصولن تي هلڻ گهرجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں