اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد واري سزا جي معطلي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت گذريل سال اڳوڻي وزيراعظم کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي جنهن جي خلاف سندس وڪيل طرفان داخل درخواست ۾ عدالت کان طبي بنيادن تي سزا معطلي جي اپيل ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احتساب عدالت جي 24 ڊسمبر 2018ع تي ٻڌايل سزا خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي فيصلي تائين سزا معطل ڪري طبي بنيادن تي ضمانت ڏني وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته نوازشريف کي ڪيترائي خطرناڪ مرض آهن جڏهن ته درخواست سان گڏ ميڊيڪل رپورٽون ۽ ڊاڪٽرن جي راءِ کي به گڏ ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سياسي مخالفن ۽ حڪومتي ماڻهن طرفان پروپيگنڊا ڪئي وئي ته علاج جي لاءِ ضمانت جي درخواست اين آر او آهي ۽ سزا معطلي جي درخواست کي اين آر او چوڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سزا معطل ڪئي وئي ته ان سان پراسيڪوشن جي ڪيس تي ڪوبه فرق نه پوندو. اڳوڻي وزيراعظم طرفان سزا معطلي جي درخواست ۾ نيب، جج، احتساب عدالت ۽ سپرنٽينڊنٽ ڪوٽ لکپت جيل کي به ڌر بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ نوازشريف کي طبي بنيادن تي سزا معطلي جي درخواست رد ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. سپريم ڪورٽ علاج جي حوالي سان نوازشريف جي 6 هفتن جي لاءِ سزا معطل ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ اعليَ عدالت ان ۾ واڌ جي درخواست رد ڪئي هئي جنهن کان پوءِ کيس واپس ڪوٽ لکپت جيل وڃڻو پيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟