“ پوليس ايڪٽ عدالتي فيصلن جي ابتڙ آهي، آءِ جي سنڌ جو صوبائي حڪومت کي خط

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل پوليس ايڪٽ 2019 تي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون اچي ويا آهن، آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام گهرو سيڪريٽري کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي، گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ايڪٽ 2019 ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پوليس ايڪٽ جو آرٽيڪل 9 ۽ 10 اعليٰ عدالت جي فيصلن سان مطابقت نٿو رکي، جڏهن ته آرٽيڪل 13، 15 ۽ 17 عدالتي فيصلن سان هم آهنگ نه آهي، آءِ جي سنڌ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي گهرو وزير کي جاچ منتقل ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ ڪيس جي شفافيت تي اثر انداز ٿيڻ برابر هوندو، هي قدم سياست جا نوان در کوليندو، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط جو نوٽيس وٺندي سخت رد عمل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ، سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته سرڪاري ملازم چونڊيل ايوان مان پاس ڪيل بل تي ڪيئن اعتراض ڪري سگهي ٿو، سنڌ حڪومت ۽ صوبائي پوليس چيف وچ ۾ کاتي اختيارن جي حوالي سان رنجش جي ڳالهه پراڻي آهي. 04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں