ڌمڪائڻ بند ڪيو وڃي، ايران جنگ چاهي ٿو ته باضابطا طور خاتمو ڪري ڇڏينداسين:ٽرمپ

0Shares

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو جنگ چاهي ٿو ته سندس باضابطه طور تي خاتمو ڪيو ويندو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪا نار فارس ۾ جنگي ٻيڙو بيهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايران جو چوڻ آهي ته هو آمريڪا سان جنگ جو خواهشمند ناهي. ان صورتحال ۾ آمريڪي صدر جي طرفان ٽوئٽر تي بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته آمريڪا کي ٻيهر ڌمڪائڻ کان  پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايران جنگ چاهي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ سندس خاتمو ٿي ويندو. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ آمريڪا ايراني تيل گهرائڻ تي ڏنل ڇوٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ايران کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن کي بردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هنن ائين ڪيو ته کين آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو. ايران آمريڪا جي ان قدم جي مذمت ڪئي ۽ ان کي معاشي دهشتگردي قرار ڏنو ۽ ان سان گڏ ايران 2015 ۾ ٿيندڙ عالمي جوهري معاهدي  جي اهم حصي تان  به دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن سان آمريڪا گذريل سال ئي گڏيل طور تي پويان هٽي چڪو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں