“پوليس آفيسرن جون بدليون مقرريون وڏو وزير ڪندو، آءِ جيءَ کي به هٽائي سگهندو” سنڌ اسيمبلي مان اپوزيشن جي گوڙ باوجود قانون پاس

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر)  سنڌ حڪومت جڏهن به چاهي آءِ جي کي هٽائي سگهندي، پوليس کاتي ۾ ٽرانسفرز ۽ پوسٽنگز وزيراعليٰ جي مشاورت سان ٿينديون. سنڌ اسيمبلي پوليس سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو، اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پوليس آرڊر 2012ع جو ترميمي بِل پيش ڪيو ويو ته مخالف ڌُر جي ميمبرز پوليس آرڊر 2002 بحالي بل خلاف احتجاج ڪندي ايوان ۾ نعريبازي ڪئي ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميمبرن اسپيڪر ڊائس سامهون احتجاج ڪيو ۽ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم ڌرڻو هنيو، جنهن کانپوءِ اپوزيشن ميمبر اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.پر حڪومت اپوزيشن جي گوڙ دوران پوليس آرڊر ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو. سليڪٽ ڪميٽي اپوزيشن جي احتجاج دوران بل جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي. صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته بل جي حوالي سان سليڪٽ ڪميٽي جا 8 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ اپوزيشن ميمبرز به موجود هئا. اجلاسن ۾ بل اندر 25 تجويزن مان 22 تجويزون پيش ڪيون ويون، مخالف ڌُر جو احتجاج سمجهه کان ٻاهر آهي. مُڪيش ڪمار چاولا اپوزيشن جي گوڙ ۽ نعرن دوران بل جون تجويزون پيش ڪندو رهيو ۽ اسپيڪر طرفان شِق وار بل تي ووٽنگ ورتي وئي، اهڙي ريت اپوزيشن جي گوڙ ۽ احتجاج دوران پوليس آرڊر 2012ع ترميمي بِل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل جو مقصد پوليس کي اختيار ڏيڻ سان گڏ جوابده بڻائڻ آهي. مڪيش ڪمار چيو ته اپوزيشن سان صلاح مشوري کانپوءِ بل پيش ڪيو، ان باوجود بائيڪاٽ ڪيو ويو، اصل ۾ اهي ماڻهو ڀَڄڻ چاهين ٿا. شهريار مهر چيو ته پوليس ايڪٽ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، مان حڪومت کي مبارڪ ڏيان ٿو ته اڄ هڪ آمر جو قانون بحال ڪيو ويو. فردوس شميم نقوي چيو ته هيءَ جمهوريت نه ڊڪٽيٽر شپ آهي، نيب زده اسپيڪر کي شرم نٿو اچي، اسيمبلي قاعدن ۽ ضابطن بنا هلائي پئي وڃي.صوبائي وزير سردار شاهه بِل تي ڳالهائيندي چيو ته پوليس جو تصور فورس نه پر سروس جو تصوير آهي، سموري دنيا ۾ رياستي ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن، جڏهن پوليس صوبائي سبجيڪٽ آهي ته اُن جي مقرري جو اختيار وفاق وٽ ڇو هجي؟ آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري جي مقرري وفاق ڪندو؟،بل جي متن موجب سنڌ سرڪار کي اي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جيز مقرر  ڪرڻ جو اختيار ملي ويو، مقرريون آءِ جي سنڌ جي مشاورت سان ڪيون وينديون، پوليس هٿيارن ۽ منشيات جا جوڳا ثبوت هجڻ جي بنياد تي بنا سرچ وارنٽ جي گهر تي يا ڪنهن به هنڌ تي جهڙتي وٺي سگهندي اي ايس آءِ ، سب انسپيڪٽر، انسپيڪٽرز ۽ ڊي ايس پي جون سڌيون ڀرتيون ايس پي ايس سي ذريعي ٿينديون، پوليس کاتي ۾ ڪيسز جي جاچ لاءِ انويسٽيگيٽنگ ونگ قائم ٿيندو،  سنڌ حڪومت پوليس کاتي ۾ ماهر پڻ مقرر ڪندي، پوليس آرڊر 2002 جي موجب آءِ جي سنڌ پوليس سالانه پوليسنگ پلان جوڙڻ جو مجاز هوندو ۽ آءِ جي سنڌ جي چونڊ صوبائي حڪومت ڪندي. آءِ جي پوليس جي لاءِ صوبائي حڪومت کي آفيسر وفاق مهيا ڪندو ۽ مقرري جو مدو 3 سال رکيو ويو آهي. پوليس آرڊر موجب صوبائي حڪومت آءِ جي پوليس جون خدمتون وفاق کي واپس ڪري سگهندي.صوبائي حڪومت ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز جي مقرري جا به اختيار به پاڻ وٽ رکندي. سنڌ حڪومت آءِ جي پوليس جي مشاورت سان ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي بابت مقرري ۽ بدلي ڪري سگهندي. سنڌ پوليس ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي مقرري جو اختيار پوليس آرڊر 2002 جي بحالي جي مسودي ۾ وزيراعليٰ کي ڏنو ويو آهي. جڏهن ته آءِ جي سنڌ جي چونڊ ڪيل ٽن نالن مان هڪ کي وزيراعليٰ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي مقرر ڪندو.پوليس آرڊر 2002 موجب ايس ايس پي ضلعي سطح تي اسپيشل پوليس آفيسر کي ڀرتي ڪري سگهندا. اسپيشل پوليس آفيسر خاص موقعن تي ذميواري نڀائيندا. صوبائي وزير اسماعيل راهو اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي 15 مئي تي نئين پوليس ايڪٽ جو مسودو ۽ قانون منظور ڪري ورتو هو. 8 گڏجاڻيون ٿيون، پهرين گڏجاڻي 6 مئي تي ٿي هئي جنهن ۾ سليڪٽ ڪميٽي پوليس آرڊر ۾ ترميم لاءِ مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو، بل تي جنرل ڊسڪسيشن ٿيوآهي، مخالف ڌر جي تجويز هئي ته پوليس سڌارن واري بل تي تفصيلي بحث ڪيون، ته جيئن صوبي جي عوام لاءِ بهتر تبديليون آڻي سگهجن، ان مامري تي آءِ جي سنڌ ، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڪيس جي پٽيشنر کي به ٻڌو آهي،  وفاقي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي شڪريو ادا ڪيان ٿو، اسان هڪ هڪ پوائنٽ تي تفصيلي غور ڪو ويو، مخالف ڌر ڪجهه پوائنٽس تي اعتراض هئا پر ان تي به اتفاق ٿيو ، مخالف ڌر جون 20 تجويزون  هيون ۽ بل ۾سموريون تجويزون شامل ڪيون آهن،هي گوڙ ۽ احتجاج سمجهه کان ٻاهر آهي ،ٻئي طرف سڌ سماءَ  ، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن واري صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي پراڻي پوليس ايڪٽ کي منسوخ ڪري پوليس آرڊر ٻه هزار ٻه (2002) بل کي منظور ڪيو آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي 20 تجويزن کي پڻ هن بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سليڪٽ ڪميٽي پاران رپورٽ جي منظور ڏني جنهن بعد بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ايوان هن بل جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ، جي ڊي اي ، پي ٽي آءِ جا دوست هن بل جي حوالي سان عوام تي غلط تاثر پيش ڪري رهيا آهن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي بل پوليس کي بااختيار ۽ مضبوط بڻائيدو. پوليس هاڻي هر آئيني اداري جي سامهون جوابده هوندي .هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هاڻي هن بل کانپوءِ پوليس کاتي ۾ ٽرانسفرز ۽ پوسٽنگز پوليس ۽ وزيراعليٰ جي مشاورت سان ٿينديون. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اپوزيشن ليڊر جي تجويز آهي ته آءِ جي جي عهدي مقرري لاءِ ٽي نالا وزيراعليٰ ڏانهن موڪليا وڃن. هن چيو ته هن بل ۾ اپوزيشن جي 80 سيڪڙو تجويزن کي شامل ڪيو ويو آهي صرف 20 سيڪڙو رد ڪيون ويون آهن. هن بل جي منظوري کانپوءِ پوليس جو تشخص بحال ٿيندو. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آءِ جي جي حيثيت کي وڌيڪ با اختيار بڻايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص عدالت وڃڻ چاهي ٿو ته بي شڪ وڃي قانون ۾ جنهن جڳهه تي لفظ حڪومت هو ان کي هٽائي وزيراعليٰ ڪيو ويو آهي، ڇو ته روزانو هر معاملي تي ڪابينه جو اجلاس طلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هن بل تحت پوليس کي جوابده بڻائڻ لاءِ پبلڪ سيفٽي ڪميشن بڻائي ويندي هي سٺو بل آهي اپوزيشن کي هن بل تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.03

انگريز دور جو 1861ع کان لاڳو پوليس قانون ختم، آمر مشرف جو جوڙيل نظام لاڳو ٿيندو

ڪراچي: سنڌاسيمبلي مان پاس ڪيل سنڌ پوليس بل 2019 پاس ڪرڻ سان پوليس قانون 1861ختم ٿي ويو، پوليس ايڪٽ 2002 اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ لاڳو ڪيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي ترميمون پڻ ڪيون ويون هيون. 2011 ۾ سنڌ حڪومت 2002 ايڪٽ ختم ڪري پوليس رولز 2011 متعارف ڪرايو هو. جيڪو ختم ڪيو ويو. سنڌ حڪومت پوليس ترميمي ايڪٽ 2019 آڻي ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ پاران منظور ڪيل قانون موجب پوليس آفيسر گهرو کاتي جي هر حڪم نامي کي مڃڻ جا پابند هوندا. آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا آرڊر پڻ گهرو کاتي پاران جاري ڪيا ويندا. پوليس ۾ اي ايس آ۽ کان مٿي انسپڪٽر ۽ ڊي ايس پيز جون ڀرٿيون هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن معرفت ٿينديون جنهن جو طريقيڪار سنڌ حڪومت طئي ڪندي. ان کان اڳ ڀرٿيون آ۽ جي سنڌ ڪندو هو. آءِ جي سنڌ هر سال پوليس پلان جوڙيندو جيڪو هو صوبائي پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۽ پوليس ڪمپلين ڪميشن آڏو پيش ڪري منظوري وٺندو. آءِ جي سنڌ جي مقرري صوبائي سرڪار جو صوابديدي اختيار هوندو سنڌ حڪومت وفاق کي ڪي بہ ٽي نالا موڪليندي. آ۽ جي ٽن سالن لا۽ مقرر ٿيندو ۽ ان کي مالي ۽ انتظامي اختيار هوندا، صوبائي سرڪار کي اهو اختيار هوندو تھ هو وفاقي سرڪار جيان ڪنهن بہ وقت آءِ جي سنڌ کي واپس ڪري ڇڏي. پراويشنل پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي سفارش تي آءِ جي سنڌ کي ڪنهن بھ وقت سنڌ حڪومت هٽائي سگهندي. ايڊيشنل آءِ جيز ڊي آءِ جيز ۽ اي آءِ جيز جي پوسٽنگ سنڌ حڪومت ئي ڪندي،  آءِ جي سان مشورو ڪرڻ لازمي هوندو . سنڌ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تي آءِ جي لاءِ هڪ صلاحڪار پڻ مقرر ڪري سگهندي. ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي مقرري لاءِ آءِ جي سنڌ چيف سيڪريٽري کي 3 نالا موڪليندو  وڏي وزير  جي مرضي هوندي تہ ڪنهن کي ۽ ڪيتري عرصي لاءِ ان کي مقرر ڪري، پوليس سب ڊويزنس ڪيتريون هوندو اهو بہ سنڌ حڪومت جي مشوري سان ئي آءِ جي طئي ڪري سگهندو . هر ضلعي جو ايس ايس پي مقامي چيئرمين، ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سان صلاح ڪري ڊسٽرڪٽ پوليس پلان جوڙيندو. ايس ايس پي انهن جي ماتحت نھ هوندو پر انهن کان مشورو ضرور ڪندو، ضلع سطح تي ڊسٽرڪٽ پبلڪ سيفٽي ۽ پوليس ڪمپلين ڪميشن ٺھنديون جن جا مقامي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پڻ ميمبر هوندا. 12 رڪني پراونشنل پبلڪ سيفٽي ڪميشن سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر جوڙيندو جنهن جو چيئرمين گهرو وزير هوندو ۽ 6 اسيمبلي جا ميمبر هوندا، جن مان 4 سرڪاري ڌر ۽ ٻه مخالف ڌر جا هوندا، امن امان کي بحال رکڻ لا۽ پوليس کي ڊپٽي ڪمشنر هدايتون جاري ڪري سگهندو. پوليس ۾ آپريشن ۽ جاچ الڳ الڳ شعبا هوندا، صوبائي جاچ شعبي جو سربراهه ڊي آءِ جي جي عهدي جو آفيسر هوندو، ڊائريڪٽر پوليس ٽريننگ سينٽر جي مقرري آءِ جي وڏي وزير جي صلاح سان ڪندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں