اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان عيد کانپوءِ حڪومت خلاف سرگرميون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته مهانگائي سبب عوام پريشان آهي سياسي جماعتن سان رابطا جاري رکيا ويندا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل رات ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ملاقات ۾ سياسي جماعتن سان رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب، ملاقات دوران آءِ ايم ايف ۽ ٻين قومي مسئلن تي به خيالن جي جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاران اثرائتي ايجنڊا کڻي عوام ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ عيد کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته حڪومت خلاف ميدان تي اچڻ لاءِ تياريون تيز ڪرڻيون پونديون، عوام مهانگائي سبب تنگ ٿي چڪو آهي. آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران کيس عمري جون واڌايون به ڏنيون. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن کي آڄ آچر تي اسلام آباد ۾ افطار ڊنر تي گهرائي ورتو، ان ڏس ۾ مريم نواز ۽ حمزه شهباز سميت سينيئر اڳواڻن کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن، ذريعن موجب مريم نواز، فضل رحمان، اسفند يار ولي، سراج الحق کي وفدن سميت شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، ذريعن موجب افطار ڊنر کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻن جو گڏيل صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال معاشي بحران سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ذريعن موجب حڪومت خلاف تحريڪ سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ذريعن موجب ن ليگ قيادت ڪيترن ئي سالن کانپوءِ زرداري هائوس ۾ ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، مريم اونگزيب موجب مريم نواز ۽ حمزه شهباز وفد سان گڏ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندا، بلاول ڀٽو سينيٽر سراج الحق کي افطار ڊنر جي دعوت ڏني، سراج الحق ٻاهرين ملڪ هئڻ سبب شرڪت نه ڪندو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو وفد پ پ جي افطار ۾ شرڪت ڪندو، پ ذريعن موجب بلاول ڀٽو مريم نواز کي ٽيليفون ڪري کيس ۽ ن ليگ کي آچر تي افطار ڊنر ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا مريم نواز قبول ڪري ورتي، بلاول ڀٽو، مولانا فضل رحمان ۽ اسفند يار ولي سان فون تي رابطو ڪيو، بلاول ڀٽو محمود اچڪزئي، اختر مينگل کي فون ڪري افطار ڊنر ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، بلاول ڀٽو آفتاب شير پائو ۽ اويس شاهه نوراني کي افطار ڊنر جي دعوت ڏني، بلاول ڀٽو پاران مخالف ڌر اڳواڻن کي هڪ پچ تي آندو ويندو، افطار ڊنر ۾ عوامي احتجاجي تحريڪ جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون، مريم اورنگزيب خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته مريم نواز جي سربراهي ۾ ن ليگ جو وفد افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندو، وفد ۾ حمزه شهباز ۽ سينيئر اڳواڻ به شامل هوندا.04
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟