مٽياري لڳ المناڪ واقعو! سنڌو درياهه ۾ ٻِيڙي اونڌي، 15 ڄڻا ٻڏي ويا، 6 لاش هٿ

0Shares

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ويجهو جاکري ٿاڻي جي حد ۾ سنڌو دريا ۾ طوفان سبب  ٻيڙي اونڌي  عورتن ۽  ٻارڙن سوڌو 15ڄڻا ٻڏي ويا 6 لاش برآمد باقين جي ڳولا جاري.تفصيل موجب جاکري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دڙو ماڇي مان انڙ پور ويندڙ ٻيڙي تيز طوفان سميت ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ٻارڙن سوڌو 15 ڄڻا ٻڏي ويا ٻڏي ويل ماڻهن مان چئن عورتن سوڌو 6 ڄڻن مسمات پوپري ماڇي . مسمات آسيت زال ڪمال ماڇي . مسمات قائمه زال پنهون ماڇي . مسمات شهزادي زال ميرو ماڇي  . فياض ماڇي ۽ وسير ماڇي جا لاش برآمد ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي ٻيڙي ۾ پندرهن کان سترهن ماڻهو سوار هئا جيڪا ڳوٺ دڙو ماڇي مان انڙ پور وڃي رهي هئي جيڪا تيز طوفان جي ور چڙهي ٻڏي وئي واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو . ڊي ايس پي مٽياري جمعا خان واقعي واري هنڌ پهچي لاشن جي ڳولا جي نگراني ڪري رهيا هئا ..

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں