ڊالر جي ٻيهر اڏام، وزيراعظم جو وڌيڪ ملهه تي وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) ڊالر جي ٻيهر اڏام، ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 146 رپيا 25 پيسا تي پهچڻ کانپوءِ سستو ٿي 144 تي اچي ويو، وزيراعظم عمران خان جو وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڊالر جي ٻيهر اڏام، وزيراعظم جو وڌيڪ ملهه تي وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪرنسي ريٽ متعلق اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ قيمت تي ڊالر وڪرو ڪندڙ ايڪسچينج ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايف بي آر جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي آءِ بي کانسواءِ اي ڪامرس ايسوسيئيشن آف پاڪستان (اي ڪيپ) جو وفد به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته طئه ڪيل ڪرنسي ريٽ کان انحراف ڪندڙ ڪمپنين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم تحت اثاثا ظاهر نه ڪندڙن خلاف مقرر ٿيل ڪارروائي تي به غور ڪيو ويو. اي ڪيپ جي وفد يقين دهاني ڪرائي ته مقرر ڪيل ريٽ کان وڌيڪ ڪرنسي وڪرو ڪندڙن ڪمپنين جو ساٿ نه ڏنو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊالر جي مارڪيٽ قيمت خريد 143 رپيا 50 پئسا جڏهن ته وڪري واري قيمت 144 رپيا آهي. سعودي ريال جي قيمت خريد 38 رپيا 20 پئسا جڏهن ته وڪري واري قيمت 38 رپيا 35 پئسا آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اڍائي رپيا وڌڻ سان گڏ ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 146 رپيا 25 پئسا تي پهتي پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي وري هيٺ آيو. واضح رهي ته ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2.25 رپيا مهانگو ٿي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 146 رپيا 25 پئسا تي پهتو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 141.93 پئسن تي رهي. ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئيشن آف پاڪستان موجب ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر واپس 144 رپين تي اچي ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں