آغا سراج دراني، روبينا خالد ۽ مظهر السلام خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري، غلام قادر پليجو خلاف جاچ بند

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال آغا سراج دراني خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي. جوابدار تي قومي ناڻي کي هڪ ارب 60 ڪروڙ نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني وئي، جوابدارن تي اختيار اورانگهڻ ۽ غيرقانوني ملڪيت ٺاهڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي هڪ ارب 60 ڪروڙ جو نقصان پهتو. نيب پڌرائي موجب سينيٽر روبينا خالد ۽ مظهر السلام خلاف ريفرنس جي منظور ڏني وئي جڏهن ته اڪرم دراني، شيراعظم، غلام نظاماڻي سميت 12 انڪوائرين جي به منظور ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فاٽا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر تعليم فضل المنان خلاف به ريفرنس جي منظور ڏني، جوابدار تي استادن جي جعلي ڀرتين جو الزام آهي. ايگزيڪيوٽو بورڊ سينيٽر حافظ عبدالڪريم، عثمان عبدالڪريم، انس عبدالڪريم، ڊاڪٽر نجيب حيدر، غلام قادر پليجو، عبدالستار ڏيرو، ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن، اهلڪارن، ميسرز ميڪاٽيڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ ٻين خلاف هن وقت تائين ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي قانون مطابق انڪوائري ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، ڪيسن کي قانون موجب انجام تائين پهچايو پيو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں