اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي سمورن نيب ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي سمورن نيب ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. اڳوڻو صدر ۽ سندس ڀيڻ جي ضمانت جي درخواستن تي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪيس تمام گهڻا آهن ان جي مڪمل لسٽ تيار ڪئي وڃي سمورين درخواستن کي ترتيب ڏني وڃي. عدالت طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ضمانت جي نئين درخواستن تي جواب جي لاءِ نيب کي ڪيترو ٽائيم گهرجي.؟ نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته جن انڪوائرين ۾ وارنٽ هوندا ان تي ئي لکت ۾ جواب ڏينداسين. هر روز نيون درخواستون کڻي ايندا آهن جيڪي اسان لاءِ پريشاني جو سبب آهن. عدالت پراڻي ضمانت جي درخواستن تي پهريان فيصلو ٻڌائي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جن درخواستن تي اسان جو  جواب اچي چڪو آهي ان تي فيصلو ٻڌايو وڃي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وڪيل چيو ته  نوان نوان طلبي جا نوٽيس اچي رهيا آهن. جسٽس عامر فاروق چيو ته هي ته لڳي رهيو آهي ته طلبين ۽ ضمانتن جو سيلاب اچي رهيو آهي. آصف زرداري جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 21 مئي تي احتساب عدالت گهرايو هو. 22 مئي تي پيش ٿي وينداسين. عدالت فاروق ايڇ نائيڪ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف عدالت آصف زرداري جي هريض ڪمپني ڪيس ۾ پڻ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي. اڳوڻي صدر  طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب مون کي اڄ هريش ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو آهي ان ڪري مون کي گرفتاري جو خدشو آهي. آصف زرداري عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ ضمانت منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 اپريل تي آصف زرداري جي درخواست تي ان جي خلاف نيب ۾ جاچ هيٺ سمورن ڪيسن جي تفصيل گهري هئي. جنهن تي نيب طرفان 14 مئي تي هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي. نيب عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي انڪوائريز ڪئي آهي ۽ گڏيل طور تي 26 انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشن جاري آهن جن مان 5 انڪوائريز ۽ 3 انويسٽيگيشن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون آيو آهي. عدالت آصف زرداري جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں