وفاق “رائيٽ آف وي” ڏي، ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاههچيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن لاءِ پاڪستان ريلوي کي ورندڙ 15 ڏينهن اندر سنڌ حڪومت کي رائيٽ آف وي حوالي ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير بلديات سعيد غني، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله ، ڊي جي ڪي ڊي اي، ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٽرانسپورٽ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر منصوبي جي شروعات لاءِ پرعزم آهيان جنهن لاءِ هن چين ۽ اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ ان کي سي پيڪ بابت جي سي سي اجلاس ۾ منظور پڻ ڪرايو. هاڻي، وفاقي حڪومت کي لاڳاپيل منصوبي جي منظوري ڏيڻي پوندي ڇوته فزيبلٽي اسٽڊي اڳواٽ ئي ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ساوورين گارنٽي (خودمختيار ضمانت) ڏيڻي پوندي. مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ريلوي عملدارن کي هڪ خط لکي رائيٽ آف وي ذريعي ريلوي حددخليون هٽائڻ لاءِ چيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن لاڳاپيل منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ٽينڊرز ذريعي مدعو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ڪراچي ۾ پيشي کان پهرين ڪڊني هل ۽ هل پارڪ علائقن جي غير قانوني الاٽيز کي نوٽيس جاري ڪري سگهجي ٿو. ڪمشنر ڪراچي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هاڪي راند جي وائي ايم سي گرائونڊ  کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اتي هاڪي راند کيڏي ويندي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ميٽروپول هوٽل جي آسپاس معاهدي تحت فٽپاٿ کان حددخليون ختم ڪرايون وڃن. ڪمشنر ڪراچي چيو ته هن فٽپاٿ جي ڪجهه حصن کي صاف ڪرايو آهي ۽ ميٽروپول هوٽل جي ڪناري تي وليج ريسٽورنٽ جي حصي کي ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر هٽايو ويندو. ڪمشنر وڏي وزير کي اهو پڻ ٻڌايو ته الادين پارڪ جي آفيس وارو علائقو سيل ڪيو ويو آهي جنهن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اماڻي وئي آهي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي ڏکڻ، اوڀر، اتر ۽ ملير جي ضلعن ۾ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ اٿارٽي جي تحت هلندڙ صفائي سٿرائي وارن ڪمن جي نگراني پڻ ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته شهر جي صفائي کيس اولين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ وڏي پيماني تي آئوٽ سورس ڪم آهن، تنهن ڪري اها نگراني ڪرڻ تمام ضروري آهي. وڏي وزير ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان کي رمضان المبارڪ ۾ شهر اندر مناسب پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پڻ هدايت ڪئي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں