جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري خلاف رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع، نيب بلاول ڀٽو کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت نيب جون سموريون انڪوائريون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.  ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نيب انڪوائريز ۽ جاچ جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت مجموعي طور تي 26 انڪوائريز ۽ جاچ جاري آهن.  نيب رپورٽ موجب جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت انڪوائري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شروع ڪئي وئي، پنج انڪوائريز ۽ ٽن جاچن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون اچي ويو آهي. نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جا رڳو هڪ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. عدالتي حڪم تي آصف زرداري جي وڪيلن کي به نيب جي رپورٽ جي اڳواٽ ڪاپي موڪلي وئي آهي. ياد رهي ته مني لانڊنرگ ڪيس  2015ع ۾ پهريون دفعو اسٽيٽ بينڪ جي طرفان ان وقت اٿاريو ويو جڏهن مرڪزي بينڪ جي طرفان وفاقي جاچ ڪندڙ اداري(ايف آءِ اي) کي شڪي فراهمي جي رپورٽ يعني ايس آر ٽي آرز موڪلي وئي هئي. ايف آءِ اي هڪ اڪائونٽ مان شڪي منتقلي جو ڪيس داخل ڪيو جنهن کان پوءِ ڪيترائي جعلي اڪائونٽس سامهون آيا جن مان شڪي منتقليون ڪيون ويون. ٻئي طرف قومي احتساب بيورو(نيب) راولپنڊي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻيهر طلب ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي 17 مئي  تي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 17 مئي تي ٻيهر طلب ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.  بلاول ڀٽو کي پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ سوالنامي جو جواب آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  نيب ۾ پهرين پيشيءَ تي آصف زرداري ئي گهڻي قدر بلاول ڀٽو زرداري جا جواب ڏيندو رهيو نيب طرفان هاڻي بلاول کي اڪيلي طلب ڪيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو کي پارڪ لين ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. پارڪ لين ڪيس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن جعلي بئنڪ اڪائونٽن مان ڪرڻ جو الزام آهي. نيب جي جاچ ٽيم بلاول جو بيان رڪارڊ ڪندي. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ 20 مارچ تي به پنهنجي پيءُ آصف علي زرداري سان گڏ نيب کي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کان نيب آفيس ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري کان پارڪ لين ڪمپني سميت 2 ڪيسن جي حوالي سان مختلف سوال پڇيا ويا هئا. آصف زرداري چيو هو ته جنهن ڪمپني بابت سوال آهن اها 28 سال پهريان ٺاهي وئي هئي ان جي باري ۾  مون کي گهڻو ياد ناهي. بلاول ڀٽو کان به پارڪ لين ڪمپني بابت سوال پڇيا ويا هن چيو ته جڏهن هي ڪمپني ٺاهي وئي ته ان وقت آئون تمام گهڻو ننڍو هئس. بلاول چيو ته هو سوالن جا جواب لکت ۾ ڏيندو.  هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ڪالهوڪي ٽوئيٽ تي نيب ڪاوڙ ۾ آهي. ان مان ثابت ٿي رهيو آهي. نيب  جو عمران نيازي سان جذباتي رشتو آهي. بلاول ڀٽو جي سرگرم ٿيڻ سان سلطنت نيازي گهٻرائجي وڃي ٿي. پلوشه خان چيو ته يقين سان ڪابينا جي ميٽنگ ۾ بلاول ڀٽو کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. نيب جي اصليت بي نقاب ٿي چڪي آهي. انشاءَالله عدالتن ۾ نيب کي ڪوڙو ثابت ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں