لاڙڪاڻو/رتوديرو(بيورو رپورٽ+ن هه) صحت کاتي جي صوبائي وزير سنڌ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ضلعي لاڙڪاڻي جي رتوديرو شهر واسي ٻارڙن سميت وڏن/ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿيڻ کان پوءِ مختلف ادارن ۽ آغا خان اسپتال سميت ڊائو يونيورسٽي جي ڊاڪٽرن تي مشتمل هڪ ٽيم جوڙي وئي هئي جيڪا هن وقت تائين معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي ته آخر ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙو مرض ڪٿان شروع ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ اسان ڪجھ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون هيون ته ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ته ٻيو ڪو ته ان مرض ۾ مبتلا نه آهي، جڏهن ته ان ڪئمپن تي ماڻهن جي تمام وڏي رش هجڻ سبب ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي سخت تڪليف ٿي رهي هئي، ان لاءِ اسان هن وقت ضلعي لاڙڪاڻي جي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن سعيدو ديرو، ڳوٺ پير بخش، ڳوٺ لاشاري، نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ وڌيڪ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي عام ماڻهن اچي پنهنجي ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائي سگهندا، هن چيو ته قائم ڪيل ميڊيڪل ڪئمپن مان 11 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن سميت ٻين ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان ڪيترن کي ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿي آهي، جڏهن ته ايڇ آءِ وي مرض ۾ مبتلا مريضن جو علاج بهتر نموني ڪرايو ويندو، جيڪا اسان جي ذميواري آهي، هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪس ميڊيا پاران ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا مريضن جا نالا، ذات، ايڊريس ۽ فوٽو ظاهر ڪرڻ وارو عمل افسوس ناڪ هيو، ڇو ته لا ۾ اهو پڻ آهي ته ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا ڪنهن به مريض جي ڊٽيل ظاهر ناهي ڪرڻي، جيڪڏهن اوها ڊٽيل ظاهر ٿي ته ان مريض سميت معاشري تي هڪ وڏو اثر پوندو آهي، جڏهن ته هن وقت جيڪڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪس ميڊيا اهڙو عمل ٻيهر ڪيو ته انهن کي نوٽيس جاري ڪري سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير هيلٿ جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ضلعي لاڙڪاڻي سميت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروايون ڪندي 400 سو جي لڳ ڀڳ عطائي ڊاڪٽرن گرفتار ڪري سندن جون ڪليئنڪون ۽ ليبارٽريون مڪمل طور تي سيل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان ڪجھ شڪايتون اوهي پڻ مليون آهن ته ايڇ آءِ وي ايڊز وڌڻ جو سبب اوهو پڻ آهي جو ڪجھ ماڻهو استعمال ٿيل سرنج کي ٻيهر پيڪ ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن پيا، جنهن کي نظر ۾ رکندي اسان سرڪاري توڙي نجي اسپتالن جي انتظاميه کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون آهن ته سرنج کي هڪ دفعو استعمال ڪيو وڃي ۽ ٻاهر جيڪا سرنج اچي ٿي ان کي چيڪ ڪيو وڃي يا وري جيڪا سرنج استعمال ٿئي ٿي ته ان کي مڪمل طور تي ناڪارا ڪيو وڃي ته جيئن اوهو ٻيهر استعمال ڪرڻ جي قابل نه رهي، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي پڻ آهي ته اسان کي عام ماڻهن ۾ ڄاڻ ڏيڻي آهي ته هن موضي مرض مان ڪيئن بچڻ لاءِ احتيات ڪيو وڃي، ڇو ته هي مرض سڄي زندگي مريض سان هوندو، جڏهن ته يو اين اين جا ڪجھ ڊونر اسان سان هن وقت گڏ آهن ۽ ايندڙ بجيٽ جو ڪجھ حصو ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريض لاءِ رکيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن لاءِ ايندڙ بجيٽ مان ڪجھ حصو ان لاءِ پڻ رکيو ويندو ته جيئن اسپتال کي بهتر نموني هلائي سگهجي، ان موقعي تي يو اين اين جا عملدار، ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي ايڇ او، ايم ايس لاڙڪاڻو سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟