سنڌ ۾ نئين پوليس آرڊر تي ڊيڊ لاڪ برقرار، اپوزيشن جو سليڪٽ ڪميٽي جي آخري اجلاس جو بائيڪاٽ

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ نئين پوليس قانون جي جوڙ جڪ تي سنڌ سرڪار ۽ مخالف  ڌر ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. گذريل ڏينهن سنڌ ۾ نئين پوليس آرڊر کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران جوڙيل سليڪٽ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪنوينر محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مخالف  ڌر جي ميمبرن شرڪت نه ڪئي، جنهن سبب گذريل ڏينهن سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، اهڙي صورتحال سبب اڄ اربع  ڏينهن ان حوالي سان اجلاس ڪوٺايو ويو آهي. جنهن ۾ نئين پوليس آرڊر کي حتمي شڪل ڏئي امڪاني طور 17 جون تي بل جي شڪل ۾ سنڌ اسيمبلي  ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته سنڌ ۾ نئين پوليس آرڊر جي حوالي سان حڪومت ۾ مخالف ڌر وچ ۾ اختلاف رهيا آهن، مخالف ڌر  جو چوڻ آهي ته پوليس جو ادارو هر قسم جي حڪومتي مداخلت کان پاڪ آزاد ادارو هئڻ گهرجي، جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به اعليٰ  پوليس اختيارين جون بدليون ۽ مقرريون وڏي وزير جي منظوري سان مشروط هئڻ گهرجن. ان سان گڏ پوليس جي احتساب جو نظام به سنڌ حڪومت حوالي هئڻ گهرجي. جيئن پوليس ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن  جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں