ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 12 مئي سانحي کي 12 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر متاثرين کي اڄ تائين انصاف ناهي ملي سگهيو. هن ڏينهن تي ڪراچي ۾ هٽايل چيف جسٽس جي اچڻ وقت پرتشدد واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. تفصيل موجب 12 مئي سانحي کي گذرئي 12 سال مڪمل ٿي ويا آهن. وڪيل برادري اڄ به هن ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندي آهي. شهيدن جي ياد ۾ وڪيل 12 مئي کي ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهن ۽ عدالتي ڪم ڪارن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو آهي ۽ جنرل باڊي جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ واقعي جي شفاف جاچ ۽ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويندو آهي. 12 مئي 2007ع تي وڪيلن جي تحريڪ زورن تي هئي. ان وقت جي هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي اچڻ جي موقعي تي ان جي آجيان جي لاءِ ايندڙ سياسي ڪارڪنن تي نامعلوم ماڻهن گوليون هلايون هيون جنهن سبب وڪيلن سميت 50 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. مذڪوره سانحي ۾ هڪ سئو ٽيهه ڄڻن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته درجنين گاڏين ۽ ٻئي قيمتي سامان کي باهيون ڏنيون ويون هيون. جڏهن ته 16 ڪيسن ۾ ميئر ڪراچي سميت 40 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن نامزد آهن. اهم ترين شاهراهن کي ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو جنهن سبب وڪيل ۽ جج عدالت، جڏهن ته هٽايل چيف جسٽس ايئرپورٽ تائين محدود ٿي ويو هو. ان وقت جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس صبيح الدين جاچ جي لاءِ لارجر بينچ به جوڙي هئي. پر اڄ تائين نه ته قاتل گرفتار ٿي سگهيا ۽ نه ئي وري ڪنهن کي سزا ملي سگهي آهي. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ درخواست گذار اقبال ڪاظمي ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻ لاءِ سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي هئي جڏهن ته عدالتي معاونين ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ دليل به ڏنا هئا. درخواست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم اڳواڻ، اڳوڻو گهرو صلاحڪار ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر کي به ڌر بڻايو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪم تي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ قتل عام ڪرايو. 2008ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ درخواستن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو هو جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ڪميشن ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته سمورن متاثرن کي معاوضي جي ادائگي ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار به 12 مئي 2018ع تي هاءِ ڪورٽ کي 3 مهينن اندر ڪيس اُڪلائڻ جو حڪم ڏنو هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟