پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جو معاهدو ٿي ويو، 3 سالن دوران 6 ارب ڊالر ملندا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي پيڪيج جو معاهدو ٿي ويو، ٽن سالن ۾ 6 ارب ڊالر قرض ملندو، پاڪستان سمورا شرط قبول ڪري ورتا. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي پيڪيج جو معاهدو طئه ٿي ويو، حتمي منظوري آءِ ايم ايف بورڊ ڏيندو. معاهدي تحت پاڪستان کي ٽن سالن دوران 6 ارب ڊالر قرض ملندو. ناڻي وزارت جيآفيس ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ڪئي. پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط تسليم ڪري ورتا، جنهن بعد ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. ڳالهين جي ڪاميابي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جو معاهدو ڪيو ويو. معاهدي جي حتمي منظور آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو. آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏيندي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، اميد ته پاڪستان جو هي آخري آءِ ايم ايف پيڪيج هوندو. هن چيو ته امير طبقي لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي، غير ملڪي قرض 90 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، آءِ ايم ايف سان معاهدي کي اسٽرڪچرل تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، آءِ ايم ايف ميمبر ملڪن جي هميشه مدد ڪندو آهي. حفيظ شيخ چيو ته آءِ ايم ايف 3 سالن دوران 6 ارب ڊالر قرض ڏيندو، ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 2 کان 3 ارب ڊالر ملندا. هن چيو ته گذريل سال درآمد ۽ برآمد ۾ 20 ارب ڊالر جو فرق رهيو، ڪجهه شعبن ۾ شين جا اگهه وڌائڻا پوندا، 300 کان گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ 216 ارب جي سبسڊي رکي ويندي، پاڪستان ۾ ڪيترائي معاملا درست طريقي سان نه اڪلايا ويا، آءِ ايم ايف معاهدي کي سڌارن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف پاڪستان سان معاهدي بابت آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي 6 ارب ڊالر گڏ نه پر 39 مهينن ۾ ڏنا ويندا، پاڪستان ايندڙ بجيٽ ۾ خساري ۾ گهٽتائي جي خاطري ڪرائي آهي، ٽيڪسن جو بار سڀني شعبن لاءِ برابر هوندو، پاڪستان پبلڪ فنانسنگ صورتحال ۾ بهتري آڻيندو، پاڪستان خسارو 0.6 سيڪڙو گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري برقرار رکڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي، پاڪستان ٽيڪس پاليسي ذريعي قرضن ۾ گهٽتائي جي خاطري ڪرائي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں