اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو+م ڊ) آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز پي سي گوادر ۾ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو، جنهن ۾ پاڪ بحريه جي سپاهي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب پي سي گوادر تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو آپريشن دوران هوٽل جا 4 ملازم ۽ پاڪ بحريه جو هڪ سپاهي شهيد ٿيو آهي. آپريشن دوران پاڪ فوج جا 2 ڪيپٽن، بحريه ۽ هوٽل جا 2-2 ملازم زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن هوٽل ۾ ترسيل مهمانن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گارڊز جي طرفان روڪڻ تي دهشتگرد ڏاڪڻ طرف ڀڳا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڇڏيائون. دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گارڊ ظهور ۽ 3 ملازم فرهاد، بلاول ۽ اويس شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج، پاڪ بحريه ۽ پوليس اطلاع ملندي ئي هوٽل پهچي وئي. فورسز مهمانن ۽ اسٽاف کي حفاظت سان ڪڍي دهشتگردن کي چوٿين فلور تي محدود ڪري ڇڏيو. دهشتگردن سي سي ٽي وي ڪيمرائون لاهي چوٿين فلور جي رستن تي بارودي سرنگون وڇائي ڇڏيون. فورسز طرفان چوٿين فلور تي پهچڻ لاءِ خصوصي رستا ٺاهيا ويا ۽ دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ بارودي سرنگون صاف ڪيون ويون. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ بحريه جو سپاهي عباس خان شهيد ٿي ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان گوادر ۾ فائيو اسٽار هوٽل تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيد سيڪيورٽي گارڊ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم گوادر ۾ دهشتگردن جي طرفان فائيو اسٽار هوٽل تي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هن سيڪيورٽي فورسز جي فوري طور تي ڪارروائي جي تعريف به ڪئي. عمران خان دهشتگردن جي آپريشن جي دوران شهيد سيڪيورٽي گارڊ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. عمران خان چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪندي قيمتي جانين کي بچايو. هن چيو ته دهشتگردن جي ان حملي سان اقتصادي منصوبن کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر دهشتگرد عناصرن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. واضح رهي ته گذريل ڏينهن گوادر جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ حملي آورن داخل ٿي سيڪيورٽي گارڊ تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو شهيد ٿي ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي طرف چين گوادر حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته گوادر حملو اقتصادي منصوبن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي. تفصيل موجب چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب چين چيو آهي ته گوادر ۾ دهشتگرد ڪارروائين سان اقتصادي منصوبن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر پاڪستاني قوم ۽ فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. پنهنجي بيان ۾ چيني سفارتخاني شهيد گارڊز جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمي اهلڪارن سان به همدردي ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن گوادر پي سي هوٽل تي دهشٽگردن جي حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿيو هو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا هئا. جڏهن ته هوٽل تي حملي جي ذميواري بلوچ لبريشن آرمي قبول ڪئي هئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟