اسلام آباد(بيورو) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 16 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر طلب ڪيو آهي. قومي احتساب بيورو(نيب) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي 16 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. آصف زرداري کي 16 مئي تي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. نيب ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين ڪمپني جي فرنٽ ڪمپني آهي هريش اينڊ ڪمپني سنڌ حڪومت کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو حاصل ڪيو. نيب ذريعن موجب سنڌ ۾ واٽر سپلاءِ جي رٿا تي ڪم نه ڪيو ويو، هريش اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس تي خرچ ڪيو ويو. ذريعن موجب آصف زرداري کي گذريل هفتي به هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو هو. اڳوڻي صدر احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ ٻين مصروفيتن سبب 15 ڏينهن جو وقت طلب ڪيو هو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ورتل ضمانت 15 مئي تي ختم ٿي رهي آهي. ٻئي طرف نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت واري درخواست تي جواب به تيار ڪيو آهي. ياد رهي ته آصف زرداري 9 مئي تي نيب کان معذرت ڪندي 15 ڏينهن جي مهلت گهري هئي. پر نيب طرفان 15 ڏينهن جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو. ٻئي طرف قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ ڪيسن جي تفصيلن بابت آصف زرداري جي درخواست تي جواب تيار ڪري ورتو آهي. جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب ڪيسن جي تفصيل لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. اڳوڻي صدر هن وقت تائين پنجن ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري رکي آهي. قومي احتساب بيورو جواب تيار ڪيو آهي. آصف زرداري خلاف ڪيسن ۽ انڪوائرين جي لسٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. نيب ذريعن موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس جون 22 انڪوائريون هلي رهيون آهن، پارڪ لين، توشا خانه گاڏين، بلٽ پروف گاڏين جي جاچ جاري آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي نوري آباد پاور منصوبي، ٺٽي ۽ دادو شگر ملز جي انڪوائري جاري آهي. نيب جو چوڻ آهي ته جعلي اڪائونٽس ۾ نيب جون 6 انڪوائريون به جاري آهن ۽ جعلي اڪائونٽس جا چار ريفرنس به داخل ٿي چڪا آهن. نيب موجب آصف علي زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جون ٽوٽل 22 انڪوائريون هلي رهيون آهن. جنهن ۾ ميگا مني لانڊرنگ، پنڪ ريزيڊنسي، واٽر سپلائي اسڪيمن جا ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته آصف زرداري نيب ۾ هلندڙ سمورن ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟