گوادر(م ڊ) گوادر ۾ فائيو اسٽار هوٽل پرل ڪانٽيننٽل تي دهشتگردن حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ گارڊ شهيد ٿي ويو جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز سان ويڙهه ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا حملي جي ذميواري بي ايل اي قبولي ورتي آهي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آرجي بيان موجب 3 دهشتگردن زبردستي پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، هوٽل جي مرڪزي گيٽ تي گارڊ دهشتگردن کي روڪيو ته هنن گارڊ تي گولي هلائي ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فورسز پاران هوٽل کي ڪڙو چاڙهي ان ۾ موجود ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو، دهشتگردن جي هوٽل جي سڀ کان مٿين منزل تي وڃڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي وئي جنهن بعد ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو. ان کان اڳ ايس ايڇ او گوادر اسلم بنگلزئي جو چوڻ هو ته اسان کي 4 لڳي 50 منٽن تي اِهو اطلاع مليو ته 3 کان 4 دهشتگرد پرل ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ حملي آورن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هوٽل ۾ ڪو به پرڏيهي موجود نه هو. صوبائي گهرو وزير ضيا لانگو چيو ته سيڪيورٽي فروسز جي آپريشن ۾ ايف سي، پوليس ۽ ليويز فورسز حصو ورتو جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هوٽل ۾ موجود ماڻهو زخمي به ٿيا. هن چيو ته ريسڪيو ڪيل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي محفوظ مقام ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، هوٽل جي اسٽاف جي انگ بابت في الحال ٻڌائڻ ممڪن ناهي جڏهن ته صورتحال واضح ٿيڻ تي وڌيڪ تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ هو ته نيول ڪمانڊوز ۽ ٿرٽي ون بريگيڊ هوٽل جي اندر داخل ٿي ڪارروائي ۾ حصو ورتو جڏهن ته پاڪ بحريا جي هيليڪاپٽر وسيلي عمارت جي فضائي نگراني ڪئي وئي انسپڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي پي) بلوچستان محسن حسن بٽ به هوٽل ۾ ڪنهن پرڏيهي جي موجود نه هئڻ جي تصديق ڪندي چيو ته 2 کان 3 حملي آورن پهرين فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ هوٽل جي اندر داخل ٿيا. سندس چوڻ هو ته ان صورتحال ۾ پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو جڏهن ته هوٽل مان ماڻهن کي ڪڍڻ وارو عمل 95 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رڳو هوٽل جو عملو اندر موجود آهي. هن چيو ته سندس خيال ۾ حملي آور ٻيڙي جي ذريعي هوٽل ۾ حملي جي لاءِ آيا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟