ڪراچيءَ ۾ سموريون غيرقانوني حددخليون ڊاهينداسين، گورنر حدن ۾ رهي ڪم ڪيو ته مسئلو نه ٿيندو: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته کين گورنر سنڌ تي اعتراض آھن پر جيڪڏھن  هو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندو ته ڪو مسئلو نه ٿيندو, سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سنگل ونڊو فيسلٽي ۽ اِي ڪنسٽرڪٽ- آن لائين ڪنسٽرڪشن پرمٽ اپروول سسٽم جي افتتاحي پروگرام کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته اسان ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا تڏھن شروع ڪري سگھون ٿا جڏھن وفاقي حڪومت اسان کي سرڪلر ريلوي جو رستو (رائيٽ آف وي) حوالي ڪندو. وفاق رائيٽ آف وي ڏيڻ ۾ دير ڪري رھيو آھي ان ڪري ڪي سي آر رٿا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم اڃا مون کي نه مليو آھي ۽ جڏھن ملندو ته ان تي عمل ڪيو ويندو. ھن چيو ته مون کي ميڊيا ذريعي خبر پئي آھي ته سپريم ڪورٽ ڪي سي آر تي 30 ڏينھن ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ڪي سي آر روٽ تي اڃا تائين حدد خليون آھن ۽ وفاقي حڪومت اسان کي ڪي سي آر روٽ (رائٽ آف وي) اڃا تائين حوالي ناھي ڪيو. وڏي وزير چيو ته هن 2016ع ۾ ڪي سي آر رائيٽ آف وي جي حوالگيءَ جي حوالي سان وزيراعظم کي خط لکيو ھو پر ان تي ڪنھن به قسم جو عمل نه ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ اسان جو ٽرانسپورٽ کاتو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمنيٽ ڊپارٽمينٽ وفاقي ريلوي وزارت سان پڻ لڳاتار ڳالھيون ڪندا رھيا آھن پر اسان جي سمورين درخواستن تي عمل نه ٿي سگھيو ۽ ھن وقت تائين اسانکي ڪي سي آر  رائيٽ آف وي نه ڏنو ويو آھي ته ڪھڙي طرح 30 ڏينھن ۾ ڪم شروع ڪري سگھون ٿا. فواد چوڌري جي حوالي سان ھڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو ته جڏھن مان ۽ منھنجي ليڊرشپ چئون ٿا ته وفاق پنھنجو ڪم ناھي ڪري رھيو ته وفاقي وزير چوندا آھن ته اسان اين آر او گھري رھيا آھيون مون کي اھو ٻڌايو وڃي ته ڪھڙو اين آر او گھري رھيا آھيون؟ اسان ته رڳو اھو پيا چئون ته وفاق ٽيڪس جي وصولين ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي جنھن ڪري صوبائي حڪومتن کي شديد مالي ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن. وفاقي حڪومت سندن نااھلي لڪائڻ لاءِ اين آر او وارو راڳ ڳائي رھي آھي جيڪي رڳو پنھنجي خراب ڪارڪردگي کي لڪائڻ لاء آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جيڪڏھن ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو تعميرات غيرقانوني آھن ته اهي تعميرات 10 سالن اندر ناھن تعمير ڪيون ويون ان کي وڏو عرصو لڳو آھي. وڏي وزير چيو ته انھن سمورين غيرقانوني تعيرات جي سروي ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن انھن تعميرات جي رھواسين يا استعمال ڪندڙن لاءِ متبادل بندوبست ٿي سگھي ۽ بعد ۾ انھن کي ڪيرايو وڃي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گورنر سان سندس سٺي ورڪنگ رليشنشپ آھي، گورنر جو ڪردار آئيني آھي ۽ جيڪڏھن گورنر پنھنجو ڪم آئيني حدن ۾ ڪندو رھندو ته ڪنھن بھ قسم جا مسئلا پيدا نه ٿيندا. ھن چيو ته وفاقي حڪومت سندن ٽيڪس وصولين ۽ عوامي خدمتن ۾ ناڪام ٿي آھي جنھن ڪري ملڪ ۾ مھانگائي جو سونامي آيو آھي ۽ عوام شديد ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيو آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ڪڻڪ پکين نه کاڌي آھي، شايد چوري ڪئي وئي آھي ان لاءِ اينٽي ڪرپشن ڪم شروع ڪيو آھي ۽ ھاڻي نيب به ان تي ڪارروائي شروع ڪري رھي آھي، جنھن به ڪڻڪ غائب ڪئي آھي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سنگل ونڊو فيسلٽي ۽ اِي ڪنسٽرڪٽ آن لائين ڪنسٽرڪشن پرمٽ اپروول سسٽم جو افتتاح ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ پاران ترقي يافته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اھو جديد ترين نظام واري مقصد کي متعارف ڪرايو ويو آھي ته جيئن شھرين کي تعميراتي اجازت ناما حاصل ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ سھولت فراھم ڪئي ويندي ۽ اھي ھڪ شفاف طريقيڪار تحت گھٽ ۾ گھٽ ۾ لاڳاپيل گھرجن کي مڪمل ڪري سگھندا. ھن چيو ته اھا اھم اڳڀرائي سنڌ حڪومت جي ان عزم جو عڪس آھي ته صوبائي ايڊمنسٽريشن کي ترقي يافتا طريقي سان منظم ڪيو وڃي ۽ عوام کي خاص طور تي صنعتي ۽ تجارتي شعبن کي جديد دور جون بھترين سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جيئن اھي صوبي جي ترقيءَ ۾ سندن سٺو ڪردار ادا ڪري سگھن. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت خانگي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا ۽ نئيون پاليسيون متعاف ڪرائيندي ته جيئن خانگي شعبن واري ماحول کي سازگار بڻائي سگھجي. مراد علي شاھه چيو ته معيشت ۽ سياست جي حوالي سان ورلڊ بينڪ جي ايز آف ڊوئنگ بزنس رپورٽ ھڪ اھم انڊيڪس آھي جنھن سان سيڙپڪار سيڙپ ڪرڻ لاءِ ملڪن جي چونڊ ڪندا آھن. ھن چيو ته جيڪڏھن سياسي حوالي سان ان کي ڪنھن به ملڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي صورتحال جو جائزو لڳائي سگھجي ٿو. ھن چيو ته اھڙيون به شاھديون آھن جنھن سان ايف ڊي آءِ جو وھڪرو تمام مٿي رھيو ۽ ڊوئنگ بزنس انڊيڪس سان معاشي ڪارڪردگي بھتر رھي. مراد علي شاھه چيو ته اٽڪل ھڪ ڏھاڪي کان پاڪستان جي رينڪنگ ۾ 11 پوائنٽس جي بھتري ٿي آھي. ھن چيو ته سنڌ ان ضمن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. سڄي پاڪستان مان سنڌ جو ڪراچي شھر 65 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندو آھي، جڏھن ته لاھور 35 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪاروباري سطح تي ڪيترائي سڌارا آندا آھن ۽ ٻين کاتن ۾ سڌارن کي لاڳو ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي ھدايت ڪئي آھي ته اھي شھرين جي فائدي جا ضامن بڻجن. ھن چيو ته کاتن ۾ سڌارا آڻڻ جي حوالي سان سندن سھڪار ڪرڻ تي ٿورائتو آھيان. مراد علي شاھه چيو ته ورلڊ بينڪ اسان جي ان حوالي سان رھنمائي ڪندو ته اسان پنھنجن کاتن کي بھتر کان بھتر بڻائڻ ۽ ٻين کاتن جي صلاحيت کي وڌائي سگهنداسين. ان ڏينھن جي ڪاميابيءَ جي حوالي سان ايس بي سي اي طرفان حاصل ڪيل سڌارا خاص طور تي ذڪر جي قابل آھن. ان ۾ ڪنھن به قسم جو شڪ نه آھي ته تعميراتي پرمٽس تيزيءَ ۽ بنا ڪنھن پريشانيءَ جي بڻايا ويا آھن. ان ڳالھه کي ذھن ۾ رکيو وڃي ته پرمٽ حاصل ڪرڻ جو مدو تمام گھٽ ھو، ھاڻي ڪوبه تعميراتي اجازت نامو 60 ڏينھن بدران 30 ڏينھن ۾ حاصل ڪري سگھن ٿا، 45 ڏينھن بدران 30 ڏينھن ۾ سرٽيفڪٽ ملي ويندو آھي. ايس بي سي اي 3 اين او سيز کان ڇوٽ ۽ ڪنسٽريڪشن پرمٽس ملڻ واري عمل کي 15 کان گهٽائي 7 ڏينھن ڪيو ويو]: ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ورلڊ بينڪ جي وفد سان  وزيراعليٰ ھائوس ۾ ھڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر حارث گذدر، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناھيد شاھه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي کاتي واري سيڪريٽري نجم شاھه، ورلڊ بينڪ جي وقتي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس ميلنڊا گوڊ، ورلڊ بينڪ جي پيٽرڪ وير سيمو ۽ سھيل عباس شرڪت ڪئي. اجلا س ۾ پي پي پي جي منشور ۽ عوام سان ڪيل وچن کي پورو ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ مختلف پروگرامن جھڙوڪ بک ختم ڪريو پروگرام، فيملي ھيلٿ سروسز، مڌر ايند چائلڊ سپورٽ پروگرام، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام، بينظير ھاري ڪارڊ، بينظير عورت ھاري ڪارڊ، بينظير وومين ايگريڪلچر ورڪس پروگرام، انٽرنشپ گارنٽي پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير چيو ته چونڊن دوران سندس پارٽيءَ جي وچن عوام سان ڪيا اھي اسان پورا ڪرڻ چاھيون ٿا. ھن چيو ته انھن پروگرامن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ورلڊ بينڪ جي سھڪار جي ضرورت آھي ته جيئن عوام جي بنيادي ۽ اھم مسئلن کي حل ڪري سگھجي. ھن چيو ته اھي سمورا پروگرام اي ڊي پي 2019-20 ۾ شروع ڪيا ويندا ۽ انھن پروگرامن مان فائدو ماڻيندڙن کي حڪومت رجسٽرڊ ڪندي جنھن کي سوشل رجسٽري جو نالو ڏنو ويندو. ھن چيو ته سوشل رجسٽري قائم ڪرڻ جو مقصد ڊيٽا بيس بڻائي صوبي جي اصل رھواسين کي انھن پروگرامن جو فائدو پھچائڻ آھي. وڏي وزير چيو ته انھن پروگرامن جو ٽي او آر بڻائڻ لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويو آھي. ورڪنگ گروپ ۾ پي اينڊ ڊي، سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجي يونٽ، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام (پي پي آر پي) شامل آھن. ھن چيو ته بڪ ختم ڪريو پروگرام 100 يوسين ۾ شروع ڪيو ويندو. ورلڊ بينڪ جي وفد سنڌ حڪومت جي پروگرامن سان سھڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.04

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں