حڪومت جيش محمد ۽ جماعت الدعوه سان لاڳاپيل 11 تنظيمن تي پابندي مڙهي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) گهرو وزارت پابندي مڙهيل جيش محمد، جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن سان لاڳاپيل 11 تنظيمن تي پابندي مڙهي ڇڏي. گهرو وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب تنظيمن تي پابندي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ  تيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ لڳائي وئي. جن تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آحي انهن ۾ الانفال ٽرسٽ لاهور، ادارا خدمت خلق لاهور، الدعوه الارشد، الحمد ٽرسٽ لاهور ۽ فيصل آباد تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه الفضل فائونڊيشن ٽرسٽ لاهور، موسڪ اينڊ ويلفيئر ٽرسٽ، المدينا فائونڊيشن لاهور. معاذ بن جبل ايجوڪيشن ٽرسٽ لاهور، الايثار فائونڊيشن لاهور، الرحمت ٽرسٽ آرگنائزيشن بهاولپور ۽ الفرقان ٽرسٽ ڪراچي پابندي جي فهرست ۾ شامل آهن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں