پاڪستان پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين تي ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان ايران تي آمريڪي پابندين کي نظر ۾ رکندي پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انٽراسٽيٽ گئس سسٽمز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبين صولت پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  آهي ته پاڪستان ان حوالي ۾ ايران کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان وٽ ايران جي قانوني نوٽيس لاءِ آگسٽ تائين جو وقت آهي ۽ اميد آهي ته ايراني اختيارين سان ڳالهين ذريعي ان مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو.مبين صولت وڌيڪ چيو ته ان کان پهريان فيبروري ۾ ايران باظابطا طور تي پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن پاڪستان مقرر وقت ۾ پنهنجي علائقي ۾ پائيپ لائين نه وڇائي ته ايران ٽياڪڙي واري عالمي عدالت سان رابطو ڪندو.واضح رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جو افتتاح ڪيو هو، ايران پاڪستاني سرحد تائين 900 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين وڇائي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان کي پنهنجي سرزمين تي 800 ڪلوميٽر تائين لائين وڇائڻي هئي پر ايران  اهو معاملو ٽياڪڙي واري عالمي عدالت ۾ اٿارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں