پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي پيڪيج تي اتفاق، گئس، بجلي مهانگي ڪرڻ سميت 700 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳندا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي پيڪيج تي اتفاق، پاڪستان کي 7 کان 8 ارب ڊالر قرض ملڻ جا امڪان، ورلڊ بينڪ ڌار قرض ڏيندي. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ناڻي وزارت ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين جا 2 دور ٿيا. پهرين دور ۾ ڳالهين جو ڪو به نتيجو نه نڪتو ۽ آءِ ايم ايف وفد ناڻي وزارت جي آفيس مان واپس هليو ويو. آءِ ايم ايف وفد وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي ۽ قرض جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته وزيراعظم سان ناڻي وزارت جي عملدارن به ملاقات ڪئي. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ وزيراعظم کي آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ايف بي آر جو نئون چيئرمين شبر زيدي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ٻئي دور ۾ مالياتي پيڪيج تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط تسليم ڪيا ويا. ناڻي وزارت موجب آءِ ايم ايف سان قرض بابت اڳڀرائي ٿي آهي، ڳالهيون اڃا ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي ايندڙ بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدي تي هڪ، ٻن ڏينهن اندر صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. آءِ ايم ايف معاهدي تي پاڪستان کي 7 کان 8 ارب ڊالر قرض ڏيندو، جڏهن ته ورلڊ بينڪ پاران ڌار قرض ڏنو ويندو. مجموعي طور پاڪستان کي 15 ارب ڊالر قرض ملڻ جا امڪان آهن. قرض جي حاصلات لاءِ پاڪستان آءِ ايم ايف جي سمورن شرطن تي حامي ڀري آهي. ذريعن موجب پروگرام تحت پهرين جولاءِ کان بجلي مهانگي ٿيندي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٻن مرحلن ۾ ڪئي ويندي. پهرين جولاءِ کان 700 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا. ٻئي مرحلي ۾ گئس جون قيمتون وڌايون وينديون. ان کان علاوه ترقياتي بجيٽ گذريل مالي سال جي سطح تي منجمند ڪيو ويندو. خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. ايڪسچينج ريٽ طئه ڪرڻ ۾ اسٽيٽ بئنڪ خودمختيار هوندي. بجيٽ خسارو گهٽ ڪري 3 سالن ۾ 6.8 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو تائين آندو ويندو. غير ترقياتي خرچ محدود ڪيا ويندا. نيپرا بجلي جا اگهه ۽ اوگرا گئس جا اگهه وڌائڻ ۾ خودمختيار هونديون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں