“ رهائشي علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون نه ٿيون ڪري سگهجن” ڪلفٽن ۾ فوجي زمين تي ڪمرشل عمارت ٺاهڻ جي اجازت رد

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن جي علائقي ۾ 2 تلوار ويجهو فوجي زمين تي ڪمرشل عمارت ٺاهڻ جي اجازت رد ڪئي وئي آهي، جمعي تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حد دخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ميئر ڪراچي، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ اسڪولن، ريسٽورنٽس جي انتظاميا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورـٽ جي حڪم موجب رهائشي علائقن ۾ ڪمرشل ڪاروبار نٿو ٿي سگهي، اٽارني جنرل پاڪستان انور منصور خان 2 تلوار ويجهو فوجي زمين تي ڪمرشل عمارت جي معاملي تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، اٽارني جنرل پاڪستان ٻڌايو ته ڄاڻايل زمين تي ڪمرشل عمارت جي اجازت رد ڪري رهيا آهيون، عدالت کي يقين ڏياريون ٿا ته ڪنهن قسم جي ڪمرشل اڏاوت نه ڪئي ويندي، زمين قانوني طور ڪليئر آهي ۽ ٺيڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي، اٽارني جنرل جي بيان کانپوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ  پاران حددخلين بابت فيصلي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري دفاع کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ع دالت حڪمن تي جيئن جو تيئن عمل يقيني بڻايو وڃي، حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته دفاع واري سيڪريٽري پاران عدالت کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته فوجي زمين تان ڪمرشل سرگرميون ختم ڪيون ويون آهن. 04

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں