اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ٻيهر مهانگائي جو اعتراف ڪندي اڳوڻي حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو راولپنڊي چائلڊ اينڊ مڌرڪيئر اسپتال جو افتتاح ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي حڪومت ملتي تڏهن ملڪ قرضن ۾ ٻڏل هو اڳوڻي حڪومت ملڪ تي 30 هزار ارب رپين جو قرض چاڙهي ڇڏيو هن چيو ته مون کي مهانگائي جو احساس آهي غريب ماڻهو سخت پريشان آهن بجلي ۽ گئس جا اگهه ڪمپنين تي قرض وڌي وڃڻ سبب وڌايا آهن عمران خان چيو ته قوم کي ڪجهه وقت مشڪل ۾ گذارڻو پوندو مرحيليوار سمورا معاملا حل ڪنداسين ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون غريبن کي ڪڪڙيون ٻڪريون ۽ ڳئون ڏينداسين شهر ۾ سستا گهر ٺاهي ڏنا ويندا اسان اهڙي حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون منهن سان ملڪ ترقي ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکيا فيصلا قوم ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن ۽ ترقي جو سفر گڏ نه ٿو هلي سگهي. وزيراعظم عمران خان سان سندس پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آئيني، قانوني ۽ سياسي معاملن تي مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته قومي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جو عمل پٽڙي تان نه لهندو. هن چيو ته پاڪستان تيزيءَ سان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، قوم ڪرپشن ۽ غربت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، مايوس نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڏکيا فيصلا قوم ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن ۽ ترقي جو سفر گڏ نه ٿو هلي سگهي. بابر اعواڻ چيو ته قوم حڪومتي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، قومي ترقي لاءِ ادارن جي مضبوطي ۽ نئين سر تنظيم سازي ضروري آهي. هن چيو ته ڪرپشن جا مرڪزي ڪردار هڪ هڪ ڪري وائکا ٿي چڪا آهن، احتساب جو عمل بنا فرق جي جاري آهي، ڦرلٽ ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟