گورنر پاران سنڌ ورهائڻ جي حمايت وارو بيان يقين نه ڪرڻ جوڳو آهي، جوابده پاڻ هوندو: وڏو وزير

0Shares

ڪراڇي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ واري تاثر کي غلط قرار ڏيندي چيو آھي ته سندس ڪابينا اڃا تائين مڪمل ئي نه آهي، جڏهن اها مڪمل ٿيندي ته انهيءَ ۾ تبديلي ممڪن ٿي سگه ٿي. اها ڳالهه هن جمعي ڏينهن انڊس اپستال جي پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.  دوري ۾ اطلاعات وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪابينا ۾ هيرڦار ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي.  منهنجي ڪابينا اڃا تائين مڪمل نه آهي تنهن ڪري تبديلي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيستائين رهيل وزير ڪابينا جو حصو بڻجي وڃن پوءِ تبديلي ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي ورهاڱي بابت گورنر سنڌ جي بيان تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اهو هڪ ناقابل يقين بيان آهي , سنڌ جي گورنر کي اهڙو بيان ڏيڻ نه گهرجي ها.  ان لاءِ جوابدار به پاڻ هوندو هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي بابت سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو پڙهيو نه آهي جنهن ۾ حددخلين جي خاتمي بابت چيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ نيوز چينل جي ٽڪرن مان خبر پئي آهي. آرڊرز ايندا ته آئون انهيءَ تي تبصرو ڪرڻ جي حيثيت رکان ٿو. وڏي وزير چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ اٿارٽي (ايس ايس ڊبليو ايم اي) جي ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن ۾ صفائي سٿرائي واري ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته آئون ملير ۾ صفائي سٿرائي واري ڪم مان مطمعن نه آهيان، تنهن ڪري اتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار ڪمپنين کي نوٽيس ڏنا آهن. ميون، ڀاڄين ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت وڏي وزير چيو ته هن ڊويزنل انتظاميا کي متحرڪ ڪيو آهي. ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻيا عملدار کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگهن کي جانچڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول  ڪرڻ لاءِ روڊن تي موجود آهن. هن چيو ته اڄ ٽيون روزو آهي ۽ ٽن ڏينهن اندر ڪمشنر دڪانن ۽ هٿرادو اگهن ۾ واڌ ڪرڻ وارن اسٽال مالڪن کان 6 ملين رپيا وصول ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مختلف سببن، پاليسين ۽ نااهلي سبب قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي جنهن تي  هو مناسب وقت ڏسي ڳالهه ٻولھ ڪندو. پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته انڊس اسپتال لاءِ منهنجي دل ۾ هڪ خاص جاءِ آهي جيڪا پاڪستان جي صحت جي سارسنڀال واري نظام ۾ قيمتي حصو رکي ٿي. هن چيو ته بدين ۾ اسان جي ضلعي اسپتال کي انڊس هلائي رهي آهي جتي بهترين ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ مشڪل آهي پر انهيءَ باوجود انڊس جي ورڪنگ ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي هي آهي، آئون هميشه سٺي صحت جي سهولتن لاءِ انڊس سان گڏ آهيان. هن چيو ته آئون گهڻي ڀاڱي نيچر فارورڊ لوڪنگ آهيان جيڪو وعدو ڪريان ٿو الله پاڪ انهيءَ کي پورو ڪندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڪلهه صوبي جي مالي صورتحال چڱي نه آهي، انهيءَ باوجود اسين  1000 بسترن واري اسپتال تعمير ڪرڻ ۾ اوهانجي مدد ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻارن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته اهو قابل علاج ٿي وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته شروعاتي سڃاڻپ واري نظام کي ترقي ڏني وڃي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نجي شعبي ۾ اسان جو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز هڪ سٺي سهولت آھي جتي افغانستان مان به مريض ايندا آھن ۽ اسان ڳوٺاڻي علائقن ۾ آنڪولوجي سھولتون به پيدا ڪري رھيا آھيون. ھن چيو ته اسان جا وسيلا جيئن وڌندا ويندا اسان صحت جي سھولتن ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين، ھن سال اين آئي سي وي ڊي جي 13 ارب رپيا بجيٽ ڊيمانڊ آھي ۽ جڏھن اسان اين آئي سي وي ڊي ورتي ھئي ته انھيءَ جو 700 ملين رپيا بجيٽ ھو. مراد علي شاھه چيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي  سٺو ڪم ڪندو آھي ان ڪري ان کي فنڊ ڏيان ٿو ڇوته مونکي فنڊز جي غلط استعمال جو ڊپ نه ھوندو آھي. پنھنجي خطاب ۾ ھن سول سوسائٽي کان گھر ڪئي ته جيڪڏھن سول سوسائٽي اسان سان گڏجي ڪم ڪندي اسان بھترين ڪم ڪري سگھون ٿا. 150 بسترن تي ٻڌل انڊس اسپتال 2007 ۾ ڪم شروع ڪيو جنھن ۾ ھر مريض کي بلڪل مفت  معياري علاج ڏنو ويندو آھي. ڪم جي گنجائش ۾ واڌ کانپوءِ انڊس اسپتال کي سنڌ ھيلٿ نيٽورڪ (آئي ايڇ اين) ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. نيٽورڪ سڄي پاڪستان ۾ مختلف عوامي ۽ نجي اسپتالن جي ترقي ۽ انتظام تي ڌيان ڏئي رهيو آھي. نيٽورڪ ملڪ ۾ مليريا، ايڊز ۽ ٽي بي جي خاتمي لاء آئوٽ پلي پروگرام به ڪري رھيو آھي. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير انڊس اسپتال جو دورو ڪيو، وڏي وزير جي پھچڻ تي اسپتال جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالباري سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. وڏو وزير ٻارن جي مختلف وارڊن ۾ ويو ۽ ڊاڪٽرن کي ٻارن جي علاج بابت ڄاڻ ورتي. ھن ٻارن جي ڊاڪٽرن کي ھدايت ڪئي ته ھو ٻارن جي بھتر علاج سان گڏ سندن خوراڪ جو پڻ خيال رکن. ھن اسپتال ۾ صفائي سٿرائي کي پڻ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں