“قبضا ڇو نه ٿا ڇڏايو” سپريم ڪورٽ پاران سعيد غنيءَ کي توهين عدالت جو نوٽيس، ٽاسڪ وڏي وزير حوالي

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سپريم ڪورٽ فوجي زمينن تي شادي هالن بابت بچاءَ واري سيڪريٽري جي رپورٽ رد ڪندي سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو اڏاوتون غير قانوني آهي، مڪاني کاتي جو وزير عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي، بچاءَ وارو کاتو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه پيو ڪري، ڇا سپريم ڪورٽ کي بند ڪري ڇڏيون، خميس تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حد دخلين خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ته اٽارني جنرل، بچاءَ وارو سيڪريٽري، ڪراچي جو ميئر، ايڊووڪيٽ جنرل، ايم ڊي واٽر بورڊ، ڪنٽومينٽ جا آفيسر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. روڊن ۽ رستن تي پوليس، رينجرز، ٽريفڪ چوڪيون ۽ آفيسون قائم ڪرڻ جي معاملي تي عدالت ميونسپل ڪمشنر جي شڪايت تي ايڪشن ورتو، سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت هدايت ڪئي ته ٻئي آفيسر آفيسن، چوڪين ۽ بيريئرز بابت رپورٽ پيش ڪن، عدالت راشد منهاس روڊ لڳ 80 ايڪڙ زمين تي قبضي جي معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کي ترت اڏاوتون ٺاهڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس گلزار احمد ، ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) افتخار قائمخاني تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته توهان ڪورٽ مان جيل ويندا، اسان حڪم ڏنو هو ته ڪراچي مان غير قانوني حد دخليون ختم ڪرايو، ان جو ڇا ٿيو، ڪارروائي ڪيسيتائين پهتي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته بار بي ڪيو ٽو نائيٽ جي سامهون ٺهيل، ٻن غير قانوني بلڊنگ جو ڇا ٿيو، ڊي جي ايس بي سي اي عدالت کي ٻڌايو ته هن بلڊنگ جي خلاف نيب جي انڪوائري ٿي رهي آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا نيب؟ ڪهڙي نيب؟ ڇا نيب سپريم ڪورٽ کان مٿي آهي؟ غير قانوني حد دخليون ختم ڪريو، هي سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ۽ ان تي عمل ڪريو، جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني ۾ 8-8 ماڙ عمارتون ٺاهيون وڃن ٿيون پر اتي نه پاڻي هوندو آهي نه لفٽ، زينب مارڪيٽ سميت سڄي صدر غير قانوني پارڪنگ ٺهيل آهي، ڊي جي ايس بي سي اي عدالت کي ٻڌايو ته صدر ۾ هاڻ ڪارروائي ڪئي آهي، جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي، مان روز صدر ويندو آهيان، ڏسندو آهيان ته صدر ۾ غير قانوني پارڪنگ آهي، توهان ڪڏهن ڪارروائي ڪندا، ننڊ مان ڪڏهن سجاڳ ٿيندا، جسٽس گلزار احمد چيو ته حڪومت ملير ندي تي متبادل روڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان جو ڇا ٿيو، اٽارني جنرل چيو ته ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي پر اهڙي قسم جو روڊ نه هوندو جيئن لياري ايڪسپريس وي ٺاهيو ويو آهي، جسٽس گلزار احمد چيو ته سپريم ڪورٽ لياري ايڪسپريس ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو، لياري ايڪسپريس وي جو به صحيح نموني استعمال نه پيو ٿئي، جيترو خرچ لياري ايڪسپريس وي تي ٿيو اوترو فائدو نه پيو ٿئي، مان به اتان لنگهندو آهيان، رستي تي هر پاسي خاموشي هوندي آهي، هاڻ لياري ايڪسپريس وي جي زمين تي قبضو ٿي رهيو آهي، ٻه تلوار جي علائقي واسين عدالت کي درخواست ڪئي ته 2 ايڪڙ رهائشي زمين واپار جي مقصدن لاءِ الاٽ ڪئي وئي آهي، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته هي اوشين ٽاور به غلط ٺهيو آهي ان کان اڳ رهائشي عمارت هئي، ڪراچي شهر کي ڏسي روئڻ اچي ٿو ته هن شهر جو ڇا ٿيندو، لڳي ٿو ته جڏهن ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويندو ته تمام وڏو وڳوڙ ٿيندو. شهر ۾ داخل ٿيڻ سان فلڪناز پلازه تي نظر پوي ٿي جيڪو سرڪاري زمين تي ٺهيل آهي، پي آءِ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته شادي هال ڪيرايا نه آهن پر نوٽيس موڪليا آهن، عدالت حڪم ڏنو ته اڄ ئي پي آءِ اي جي زمين تان غير قانوني شادي هال ۽ ٻيون حد دخليون ختم ڪريو، توهان کان جهاز نٿا هلن ۽ هليا آهيو شادي هال ٺاهڻ، جلد کان جلد سموريون غير قانوني حد دخليون ختم ڪريو، ان موقعي تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڊفينس جو کاتو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه پيو ڪري، ڇا اسان سپريم ڪورٽ کي بند ڪري ڇڏيون، عام ماڻهو پڇا ڪري ٿو، اسان بعد ۾ حد دخليون هٽائي ڇڏينداسين، پهريان ڪنٽومينٽ تان هٽايون وڃن، جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري ٻڌائي ته آرڊر تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، جنهن تي بچاءَ واري سيڪريٽري هڪ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، بينچ بچاءَ واري سيڪريٽري پاران پيش ڪيل رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ ان کي رد ڪري ڇڏيو، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ مطمئن ڪرڻ واري نه آهي ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي، اسان رپورٽ رد ڪريون ٿا، ان سان گڏ ئي عدالت حد دخلين بابت ڪنٽومينٽ بورڊ ۽ ٻين ادارن جون نظرثاني درخواستون رد ڪيون، عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ايندڙ سيشن ۾ اچو ته سمورين زمينن تان قبضو ختم ٿيل هجن. حد دخليون روڪٿام آپريشن بابت بيان ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ سعيد غني ۽ ميئر وسيم اختر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مڪاني کاتي جو وزير چوي ٿو ته مان عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندس، ڪراچي جو ميئر به چئي رهيو آهي ته اسان عمارتون نه ڪيرائينداسين، ڇا هي ماڻهو عدالت سان جنگ ڪرڻ چاهين ٿا، سڄي شهر ۾ لينڊ مافيا جو راڄ آهي ۽ هي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سپريم ڪورٽ سعيد غني جي بيان جو نوٽيس وٺندي کيس توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو، درخواست گذار محمود اختر نقوي چيو ته سعيد غني عدالتي حڪم جي خلاف تقرير ڪئي ۽ عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جسٽس گلزار احمد چيو ته حڪومت چاهي ته 5 منٽن ۾ بلڊورز گهرائي آپريشن شروع ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن حد دخليون ختم ڪرڻ چاهي ته ڇو نه ڪم ٿي سگهيو ٿي، ٻڌڻي دوران سينيئر وڪيل رشيد اي رضوي ۽ بينچ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، رشيد اي رضوي جج کي چيو ته توهان ڪنهن کي نه پيا ٻڌو، ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ نقشي تي عمل ناهي ڪيو، جنهن تي جسٽس گلرزا ريمارڪس ڏنا ته ڳالهه هڪ نقشي تي عمل نه ڪرڻ جي آهي پر سچي آرڊر تي عمل نه ڪيو ويو آهي، هي جيڪو پي اي ايف ۾ ايڏو وڏو شادي هال هلي رهيو آهي ڪنهن کي نظر ڇو نه آيو، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي جسٽس گلرزار احمد چيو ته شهر ۾ سڀني پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضو ڪري شهيدن جي نالن سان منصوب ڪيا ويا آهن، اسان شهيدن ۾ نمبر ون آهيون، ڪهڙي خبر مان به شهيد ٿي وڃان يا مارجي وڃان جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته شهيدن جو وڏو رتبو آهي، ان لاءِ وڏيون شرطون آهن، سپريم ڪورٽ ڪراچي ريلوي سرڪلر کي هڪ مهيني ۾ هلائڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري، ڪراچي ميئر ۽ ٻين سان گڏجي حد دخلين جي خلاف آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريلوي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ريلوي جي زمين تان هر هال ۾ ٻن هفتن ۾ حد دخليون ختم ڪرايون وڃن. 04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں