اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي طرفان اهو مطالبو سينيٽ جي اجلاس دوران سامهون آيو. سينيٽر رضا رباني ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جو گورنر حلف کڻڻ کان پوءِ اهڙو رويو ڏيکاري رهيو آهي جهڙو ڪو هو وزيراعليٰ هجي. گورنر سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. رضا رباني چيو ته آئون هن جڳهه تي بيهي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪوبه سنڌ جي ورهاست برداشت نه ڪندو. صوبن ۾ ڪابه ورهاست يا تبديلي نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته سوچيل سمجهيل منصوبي تي سمورا اختيار حاوي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. گورنر کي اها جرئت ڪيئن ٿئي ته جنهن صوبي جو لوڻ کائي ان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري.؟ رضا رباني چيو ته جيڪڏهن گورنر کي ورهاست جو شوق آهي ته عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پوءِ ڳالهيون ڪري. خبردار ڪري رهيا آهيون ته اهڙي قسم جي قدمن کان پري رهو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل استعيفيٰ ڏي. هو ڪنهن سان وفاداريون نڀائي رهيو آهي. شيري رحمان ايوان ۾ مطالبوڪيو ته وزيراعظم عمران خان کي گهرايو وڃي. وزيراعظم 9 مهينن ۾ صرف هڪ دفعو آيو آهي. وزيراعظم گورنر سنڌ جي بيان جي وضاحت ڪري. هن چيو ته وفاق کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. تحريڪ انصاف جي حڪومت ايوان ۽ نظام سان گڏ بدتميزي ڪري رهي آهي. حڪومت ڄاڻي واڻي پارلياماني نظام کي خراب ڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته وفاق خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. وزير ايوان جي بجاءِ ٽي وي چينلن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم جي نه اچڻ سبب ايوان ۾ پريشاني پکڙيل آهي. وزيراعظم کي گهرائڻ جي لاءِ خط لکيو جنهن تي چيئرمين سينيٽ چيو ته وزيراعظم کي گهرائڻ جي لاءِ خط لکندس. مسلم ليگ(ن) جي مشاهدالله خان به پيپلز پارٽي جي موقت جي حمايت ڪندي صدر کان مطالبو ڪيو ته گورنر سنڌ کي عهدي تان هٽايو وڃي. هن چيو ته گورنر سنڌ جنهن صوبي جي حقن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ان جي ورهاست جي ڳالهه ڪيئن ڪري رهيو آهي. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ ڪا مذاق ناهي جو سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. حڪومت جو چهرو ڏيکاريو نسل پرستي جون ڳالهيون نه ڪريو. اسان جي وجود ۽ بقا جي ڳالهه آئي ته اسان پوري سنڌ کي چونداسين ته هي نسل پرستن جي حڪومت آهي. هي ملڪ جو نه پر هڪ گروپ جو وزيراعظم آهي. ڏسون ٿا ته هڪ گروپ جو وزيراعظم ڪيستائين هلي ٿو.؟ مولابخش چانڊيو چيو ته ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي وزيرن جو حصو هاڻ قبرستان لڳي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ دفعو کُلي ٻڌايو ته اوهان جو مقصد ڇا آهي. پوءِ ڏسو ته سنڌ وارا اوهان سان ڇا ٿا ڪن.؟ ياد رهي ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل سنڌ جي ورهاست بابت ايم ڪيو ايم جي موقف جي حمايت ڪئي هئي. ميڊيا رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ميمبرن به شاهه محمود قريشي سان گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي شڪايت ڪئي هئي. تحريڪ انصاف جي ميمبرن چيو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم جي موقف جي حمايت ڪري پي ٽي آءِ جو مورال ختم ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو ته گورنر جي موقف کان پوءِ سنڌ مان خطرناڪ رد عمل اچي سگهي ٿو. اسان علائقن ۾ ڪيئن وينداسين.؟ عوامي رد عمل کي اسان منهن نٿا ڏئي سگهون. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گورنر سنڌ جي عوام کان معافي گهري.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟