پاڪستان 88 ارب 19 ڪروڙ 90 لک ڊالر جي پرڏيهي قرض ۾ وڪوڙيل

0Shares

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان تي 88 ارب 19 ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر جو پرڏيهي قرض آهي، 6 مالي سالن دوران 26 ارب 19 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض حاصل ڪيو ويو، جڏهن ته 2018ع کان هن وقت تائين پاڪستان تي 4 ارب 55 ڪروڙ هڪ لک 54 هزار آمريڪي ڊالر قرض آهي.  پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن، ناڻي واري، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري وزير قرضن جا تفصيل پيش ڪيا.  پرڏيهي قرضن جي تفصيلن موجب مالي سال دوران 7 ارب 23 ڪروڙ ڊالر  جو وياج لڳو، وياج بعد ڇهن مالي سالن ۾ قرض 33 ارب 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌي ويو.  ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته 2013ع کان 2014ع ۾ وياج سميت 6 ارب 90 ڪروڙ 8 لک 97 هزار ڊالر قرض هو جڏهن ته 2014ع ۽ 2015ع ۾ وياج سميت 5 ارب 4 ڪروڙ 7لک 21 هزار ڊالر قرض هو. قرضن جي تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته 2015ع ۽ 2016ع وچ ۾ وياج سميت 4 ارب 45 ڪروڙ 20 هزار ڊالر جو قرض، 2016ع ۽ 2017ع وچ ۾ 6 ارب 52 ڪروڙ 3 لک 81 هزار ڊالر جو قرض جڏهن ته 2017ع ۽ 2018ع ۾ 6 ارب 2 ڪروڙ پنج لک 26 هزار آمريڪي ڊالر قرض حاصل ڪيو ويو.  ناڻي واري وزارت موجب 2018ع کان هن وقت تائين پاڪستان تي 4 ارب 55 ڪروڙ هڪ لک 54 هزار آمريڪي ڊالر جو قرض آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں