اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومتي نااهلي سبب عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، اهو صرف ۽ صرف حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٿي رهيو آهي. گهرو وزير اعجاز شاهه جو نالو وٺڻ بنا بلاول ڀٽو چيو ته جن وزيرن جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن انهن کي فوري طور تي ڪڍيو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو عوام پريشان آهي ته اوچتو ناڻي واري وزير، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر چيئرمين کي ڪڍيو ويندو آهي، عوام سوال ڪري رهيو آهي ته فيصلا ڪير پيو ڪري، وزيراعظم ڪنهن جي به مقرري کان اڳ ان شخص سان ملاقات به نه ٿو ڪري، ايئن ته ناهي ته پاڪستان ۾ مقرري آءِ ايم ايف ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته صرف ٽن منصوبن ۾ 13 ارب ڊالرن جي ڪرپشن ٿي آهي، ان معاملي جو احتساب ڪير ڪندو؟. هن چيو ته نيب گردي ۽ معيشت گڏگڏ نه ٿيون هلي سگهن، نيب گردي جو احتساب ڪير ڪندو؟. پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي انهن جا پئسا نه پئي ڏئي ڇو ته وفاقي حڪومت ناڪام آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تبديلين جا فيصلا ڪير ڪرائي رهيو آهي؟ نيب گردي ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، اوچتو ناڻي واري وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر چيئرمين کي ڪڍڻ تي ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن، رڳو ٽن منصوبن ۾ 13 ارب ڊالرز جي ڪرپشن ٿي، ٻڌايو وڃي ته ان معاملي جو احتساب ڪير ڪندو؟. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي انهن جا پيسا نه پئي ڏي، ملڪ ۾ پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف جي حڪومت آهي، حڪومت جي ناڪامي جي سزا پيٽرول، گئس، بجلي ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، جن وزيرن جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن، انهن کي فوري طور وفاقي ڪابينا مان ڪڍيو وڃي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر پارٽين جي ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟