لاهور(بيورو) حضرت سيد علي بن عثمان الهجويري حضرت داتا گنج بخش جي مزار ٻاهران آپگهاتي ۾ ڌماڪي ۾ ايلٽ فورس جي 5 اهلڪارن سميت 10 شهيد، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخميٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب شهيدن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي، پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته عام ٿريڊ الرٽ موجود هو جنهن سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي سخت مزمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن ۾ ڌماڪي جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب اربع جي صبح اٽڪل 8 لڳي 54 منٽن تي داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 تي ايلٽ فورس جي گاڏي ويجهو هڪ ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جڏهن ته ڀرسان بيٺل گاڏين ۽ عمارتن کي سخت نقصان ٿيو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ادارن جون ٽيمون ٿڏي تي پهتيون جن ڌماڪي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ورتو، امدادي ٽيمن شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا شهيد جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، واقعي کانپوءِ لاهور جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. راجا بشارت ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن واقعن سان بمبارن کي ڪو به مسلمان تصور نٿو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن جو ملڪ ۽ مذهب سان ڪو به تعلق نه آهي، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته شروعاتي جاچ ٿي رهي آهي، شاهديون مليون آهن ته شايد آپگهاتي ڌماڪو هو، پر هي مڪمل طور تي نٿو چئي سگهجي، ڌماڪي بابت پنجاب جي آءِ جي عارف نواز ٻڌايو ته اٽڪل 7 ڪلو کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو ۽ ان ۾ پوليس کي نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ بمبار جي جسم جا عضوا ملي ويا آهن، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي ڊي آءِ جي آپريشن محمد اشفاق چيو ته ڪنهن کي به داتا درٻار اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي، جيڪي ماڻهو داتار درٻار ۾ موجود هئا انهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، هن چيو ته پوليس قرباني ڏئي رهي آهي، شهرين جي حفاظت اسان جو فرض آهي ۽ اهو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هي پاڪستان جي انهن مزارن مان هڪ آهي جتي عقيدتمندن جو وڏو انگ موجود هوندو آهي، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير عثمان بزدار ۽ ٻين ڌماڪي جي مزمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان داتا درٻا ڀرسان ايلٽ فورس جي گاڏي تي حملي جي سخت مزمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان ٻڌي جي اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. فردوس عاشق اعواڻ، شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين سياسي اڳواڻن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، بلاول ڀٽو ڌماڪي ۾ ٿيل قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته داتا درٻار حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر عارف علوي، صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، گورنر چوڌري سرور، صمصام بخاري، اسد عمر، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، حمزا شهباز، قمر الزمان ڪائرا، سراج الحق، لياقت بلوچ، حافظ طاهر اشرفي، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين پڻ ڌماڪي جي مذمت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟