وفاقي سرڪار قرض وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ جا شرط مڃي ورتا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، قرض وٺڻ لاءِ سمورا شرط مڃي ورتا، گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو. تفصيل موجب وفاقي حڪومت قرض وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ورتا آهن، حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي پيڪيج جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي، آءِ ايم ايف وفد وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قرض بابت ڳالهيون ٿيون. آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين سان بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جو واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو. ايف بي آر کان 700 ارب رپين جو ٽيڪس پلان به گهري ورتو. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃي ورتا آهن. آءِ ايم ايف ايف بي آر جو ٽارگيٽ 5200 ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ تي زور ڀريو. حڪومت بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ورتا آهن. بجلي ۽ گئس جي مد ۾ 340 ارب رپيا واهپيدارن جي کيسي مان ڪڍيا ويندا. اوگرا گئس ۽ نيپرا بجلي جا اگهه مقرر ڪرڻ ۾ خودمختيار هونديون. ايڪسپورٽ انڊسٽري کي محدود سبسڊي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو. ٻئي طرف توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ کان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بجلي اگهن جي معاملي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هڪ کان ڏيڍ سال ۾ مرحليوار بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪنداسين. عمر ايوب چيو ته نيپرا ٻه رپيا بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪرڻ چاهي ٿو پر هڪ ڌڪ سان ٻه رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ ماڻهو برداشت نٿا ڪري سگهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں