صالح پٽ ۾ انسانيت سوز هاڃو، ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي زنده دفنايو ويو

0Shares

سکر(بيورو) سکر ويجهو صالح پٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناريءَ کي زنده دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ناريءَ جي مڙس جوابدار ڪريم بخش شنباڻي کي گرفتار ڪري مقتولا جو لاش واريءَ جي ڀٽ مان هٿ ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدارڪريم بخش ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل شخص دلمراد ۽ سندس ڀاءُ شرف الدين مٿان حملو ڪيو، گوليون لڳڻ سبب شرف الدين قتل ٿي ويو، جڏهن ته دلمراد زخمي ٿيو. جوابدار ناري بيبل کي به بنا غسل ۽ ڪفن جي زنده دفنائي ڇڏيو، سندس جسم تان تشدد جا نشانو مليا آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں