اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر سينيٽ ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي سخت احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، رضا رباني ۽ شبلي فراز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سنيٽر رضا رباني چيو آهي ته هاڻ ته فل گهرو وزير آيو، سوالن جا جواب اچڻ گهرجن، اڱاري تي سينيٽ اپوزيشن جي جارحاڻي رويي سبب حڪومت کي سينيٽ ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، رضا رباني گهرو وزارت بابت سوالن جا مڪمل جواب نه اچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گهرو وزارت جي 10 سوالن مان 9 جا جواب نه مليا آهن، هن چيو ته 18 سوالن مان 9 جا جواب نه آيا آهن، پارلياماني معاملن جي وزير چيو ته سوالن جا جواب ڇپجي نه سگهيا، ٻيهر مڪمل جواب اچي ويندا، اجلاس ۾ اپوزيشن جي ميمبرن احتجاج کانپوءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان موقوقعي تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي خطري ۾ دفاعي بجيٽ ۽ پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام جي فنڊنگ جي ڄاڻ انهن هٿن مان گذرندي جن پاڪستان جو حلف ناهي کنيو، آءِ ايم ايف لابي وزيراعظم گهيري ورتو آهي، آءِ ايم ايف شروع کان صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ خلاف آهي، آئين موجب اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌڻو آهي، ايوارڊ نه پيو آندو وڃي، هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو هن اهم موقعي تي ايوان ۾ هڪ به وزير نه آهي، هي ماڻهو دلچسپي نه وٺي رهيا آهن، هن چيو ته صوبائي معاملن جي حوالي سان هي ماڻهو سنجينده نه آهن، هن چيو ته اڳوڻي سينٽ جي چيئرمين ان حوالي سان رولنگ ڏني هئي، 120 ارب سنڌ کي ناهن مليا جنهن جي ڪري ادارن کي فنڊ نه پيا ملن، هن چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم ۾ آءِ ايم ايف جا ماڻهو آندا پيا وڃن، سروسز تي سيلز ٽيڪس گڏ ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي، سسئي پليجو چيو ته سازش ٿي رهي آهي ته سروسز تي سيلز ٽيڪس سنڌ کان واپس ورتو وڃي، سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو جنريٽر ڪري ٿو، هن چيو ته فاٽا کي رقم ڪي پي ڪي ڏئي، ٻين صوبن مان ڪٽوتي ڪرڻ ٺيڪ نه هوندي، هن چيو ته صوبا پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان ناانصافي تي ڪاوڙيل آهن، هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وفاق کي مجبوري هونديون پر ايوان ۾ انهن مسئلن تي بحث ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم ناڪام ٿي وئي آهي، انصاف جون گهرجون پوريون نه پيون ڪيون وڃن، هن چيو ته ون سائيڊيڊ فيصلا قبول نه ڪنداسين، رضا رباني چيو ته آءِ ايم ايف لابي وفاق کي گهيري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف شروع کان صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي خلاف آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي سندن حصو نه پئي ڏئي، وفاقي حڪومت ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت 127 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيا آهن جيڪي وفاق کان 6 سيڪڙو وڌيڪ آهن، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت تي هن وقت آءِ ايم ايف جو مڪمل ڪنٽرول آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جو ناڻي جو صلاحڪار ۽ حاضر سروس اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي ملڪن جون پاليسيون تبديل ڪرائڻيون آهن، هن چيو ته دفاعي بجيٽ ۽ نيوڪليئر پروگرام جي فنڊنگ جي ڄاڻ انهن هٿن مان نڪرندي جن پاڪستان جو حلف ناهي کنيو، سراج الحق چيو ته پاڪستان اڳ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪندو هو، هن چيو ته هاڻ هتي به آءِ ايم ايف آهي ۽ هتي به آءِ ايم ايف آهي، پاڪستان ڪيڏانهن ويو، آءِ ايم ايف جي هتي اچڻ سان سي پيڪ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين پاڪستان جو نئون نقشو تيار آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پاڪستان ۾ ويهي ڊڪٽيشن ڏيڻ ثابت ڪري ٿو ته اسان بنا جنگ جي پنهنجي آزادي وڃائي ڇڏي، مشاهد الله خان چيو ته هي ته چوندا هئا ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران آپگهات ڪنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي پاڪستان ۾ گهرائڻ، پاڪستان جي معيشت تي سرجيڪل اسٽرائيڪ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنر وٽ ٽاپ سيڪريٽ ڄاڻ هوندي آهي، هن چيو ته مصر جي ننڍڙي عهديدار کي کڻي ملڪ جو اهم عهدو ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته حڪومت هوش ڪري، سوچي سمجهي فيصلا ڪري، هن چيو ته مولانا فضل رحمان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ڳڻتي آهي، ذاتي رنجش ڪري مولانا فضل رحمان کان سيڪيورٽي واپس وٺي مسئلو ڇو پيدا ڪري رهيا آهن، بحث ختم ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ گذريل حڪومت نه ڏنو، اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ڪميٽي قائم ڪرڻ جي باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي، هن چيو ته گذريل حڪومت کي آئيني طور تي اين ايف سي ايوارڊ ڏڻ گهرجي، هن چيو ته اسد عمر صوبائي حڪومت کي درخواست ڪندو رهيو ته صوبائي حڪومت جو نمائندو نامزد ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو ته لڳاتار چوڻ جي باوجود صوبائي حڪومت نمائندا نه ڏنا، نمائندو نامزد نه ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت سڀ کان خراب ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ ڇو وڃي رهيو آهي، سياست ڪرڻ جو حق سڀني کي آهي پر ٿورو سوچيو وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ ڇو وڃڻو پيو، سينيٽ ۾ شاهه محمود قريشي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ منهن ماري ٿي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي نعريبازي ڪئي، سينيٽ چيئرمين ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته 5 سال پ پ جي حڪومت هئي، سمورا ادارا خساري ۾ هئا، ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ هر ادارو خساري ۾ هو، هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ عالمي ادارا چون ٿا ته توهان جي معيشت غير مستحڪم آهي، پرڏيهي وزير جي تقرير وقت مخالف ڌر گوڙ ڪيو، جڏهن ته پرڏيهي وزير چيئرمين جي هدايت موجب تقرير ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ سينيٽ چيئرمين اڄ اربع 11 وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟