ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نئين سال جي ترقياتي منصوبن جي رٿابندي لاءِ ناڻي کاتي ۽ رٿابندي و ترقيات کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي ڪمن جي سمت مقرر ڪئي. اجلاس ۾ آبپاشي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو معاون خاص اشفاق ميمڻ، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري آبپاشي جمال شاهه، سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه، سيڪريٽري ورڪس، رٿابندي ۽ ترقي وارو چيف اڪنامڪسٽ فتح تنيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته وفاقي منتقلين ۾ گهٽتائي سبب صوبي جي مالي پوزيشن غير مستحڪم آهي جنهن صوبائي حڪومت جي ترقياتي پورٽ فوليو کي متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جاري اسڪيمن جي تڪميل ايندڙ مالي سال تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسان شايد ئي ڪي نيون اسڪيمون شامل ڪريون ڇوته اسان جي گهڻي ڀاڱي توجه هلندڙ ترقياتي ڪمن جي پڄاڻي تي مرڪوز آهي. وڏي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ کيس توجه پاڻي جي فراهمي، صحت جي سهولتن ۽ اسڪولن جي منصوبن جي پڄاڻي تي ٻڌل آهي. هن پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کي هدايت ڪئي ته روڊن جي ڄار، سنڌوءَ درياءَ تي پلن ۽ اسپتالن جي ترقي سان ماڻهن کي پهچندڙ فائدي جي جائزي لاءِ هڪ سروي ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ اسان کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙيون سهولتون پيدا ڪرڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته موجوده ختم ٿيندڙ مالي سال دوران صوبائي اي ڊي پي 230 ارب رپيا رهي جيڪا اپريل 2019 جي پڄاڻي تائين خرچن جي مد ۾ 72.88 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي ۽ جون 2019 جي پڄاڻي تائين 30 ڪروڙ رپيا استعمال تائين پهچي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته روڊن جي ڄار وڇائڻ واري ڪم ۾ 56.6 ارب رپيا رکيا ويا هئا جنهن مان 27.8 ارب رپيا استعمال ٿيا. اهڙي ريت آبپاشي کاتي جي رٿائن لاءِ 35.8 ارب رپيا رکيا ويا جنهن مان 17.8 ارب رپيا استعمال ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته روڊن ۽ آبپاشي جي شعبن ۾ 45.66 ارب رپين جو بجيٽ استعمال ٿيو آهي جيڪو مجموعي خرچ جو 64 سيڪڙو بڻجي ٿو. وڏي وزير اها پڻ نشاندهي ڪئي ته پاڻي ۽ سينيشن اسڪيم لاءِ 42.5 ارب رکيا ويا پر فقط 6.5 ارب استعمال ٿي سگهيا. صحت کاتو 15.8 ارب رپين جي بجيٽ مان 4.3 ارب رپيا استعمال ڪري سگهيو. تعليم کاتي 15.8 ارب رپيا رکيل بجيٽ مان 5.9 ارب رپين جو استعمال ڪري سگهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي فنڊن جي استعمال ۾ گهٽتائي جو رجحان ٻن سببن جي ڪري پيش ٿيو جنهن مان سڀ کان پهرين مالي بحران سبب گهٽ کان گهٽ بجيٽ جاري ڪرڻ هو ۽ ٻيو آفيسر چڱڙا نه مليا. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هئي ته آفيسر دستياب فنڊن جو استعمال ڪري سگهن. ورڪس اينڊ سروسز واري وزير سيد ناصر حسين شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته 25.8 ارب رپين جي روڊن لاءِ 326 منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن لاءِ 21.4 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ خرچ 16.8 ارب رپيا آهي. هن چيو ته حيدرآباد ۽ سکر ضلعن ۾ 70 کان وڌيڪ منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. اجلاس ۾ ناصر حسين شاهه درخواست ڪئي ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ايندڙ اي ڊي پي جو بجيٽ 40 سيڪڙو وڌايو وڃي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته اهو ممڪن نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته اوهان کي ايندڙ مالي سال جي اي ڊي پي ۾ ڪجهه حد تائين وڌائي ڏيان پر فنڊز فقط هلندڙ ترقياتي رٿائن جي پڄاڻي لاءِ رکيا ويا آهن. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ناهيد شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال لاءِ مختلف کاتن مان اي ڊي پي ڊرافٽ مليا آهن ۽ مالي مختص ڪيل رقم موجب غور ويچار ڪري رهيا آهيون جنهن کي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ آخري شڪل ڏني ويندي. آبپاشي کاتي اجلاس ۾ هڪ تجويز پيش ڪئي ته لانڍي جي طويل ڪينال جي خاتمي ۽ ڊڪ بنگلوز جي تعمير ڪئي وڃي پر وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اها تجويز حڪومت جي مالي پوزيشن لاءِ بهتر ٿي ته ضرور منظور ڪئي ويندي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟