اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل ڀيڙو

0Shares

لاهور(بيورو) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ضمانت ختم ٿيڻ تي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو، تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت جو وقت پورو ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. نواز شريف کي ڪارڪنن جي ريلي جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل تائين پهچايو ويو. ان کان اڳ جيل پوليس جاتي امرا پهتي ۽ نواز شريف کي جيل تائين وٺي وئي. ن ليگ جا هزارين ڪارڪن نواز شريف جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا. نواز شريف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ ريلي ۾ شامل هو، جن ۾ خواجا آصف، جاويد هاشمي، شاهد خاقان عباسي، محمد زبير، مريم اورنگزيب، پرويز رشيد، طلال چوڌري ۽ ٻيا شامل هيا، جڏهن ته جاتي  امرا کان جيل تائين رستن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو به اتي موجودرهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته نواز شريف جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، هو ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري تي قائم آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران صاحب جي پوليس افطاري کان اڳ ئي جاتي امرا پهچي وئي، ائين هڪ سليڪٽڊ وزيراعظم ئي ڪري سگهي ٿو، عمران صاحب جي بي حسي جي انتها آهي، کانئس اهو به برداشت نه ٿيو ته هو ماءُ ۽ ٻارن سان گڏ پهريون روزو کولي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 26 مارچ تي نواز شريف جي طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت جو وقت اڄ 7 مئي تي ختم ٿي ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں