اسڪولن جو ڪاروبار نه پيو هلي ته ٻيو ڪو بزنس ڪريو: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران والدين اسڪولن ۾ اولهه واري ماحول جي شڪايت ڪري جنهن تي چيف جسٽس کرو جواب ڏيندي کين چپ ڪرائي ڇڏيو. خانگي اسڪولن ۾ فيسن واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران والدين چيف جسٽس سان شڪايت ڪئي ته خانگي اسڪولن ۾ اولهه واري رهڻي ڪهڻي کي هٿي ڏني پئي وڃي. والدين جو اهو پڻ چوڻ هو ته خانگي اسڪولن ۾ ڊسپلن جو فقدان آهي جنهنڪري ٻار نشي  جا عادي ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا شڪايت رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ته اوهان کي ماحول پسند ناهي ته ٻارن جو اسڪول مٽايو، ڪنهن زبردستي خانگي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ناهي چيو. چيف جسٽس واضح طور تي چيو ته عدالت کي اسڪولن جي نظام کي نه پر قانون کي ڏسڻو آهي.  ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيس اسٽرڪچر تي بحث ڪيو ويو ، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا خانگي اسڪول هالوين پارٽي جا الڳ سان پئسا وٺندا آهن؟ جنهن تي اسڪولن جي وڪيل ٻڌايو ته ٽيوشن فيس سان گڏ فيس اسٽريڪچر ۾ سڀ ڪجهه شامل هوندو آهي. جسٽس اعجاز الحسن ان موقعي تي چيو ته ٽرپ ۽ مختلف ڏينهن ملهائڻ لاءِ الڳ سان پئسا ورتا ويندا آهن، ڪيڪ ڊي جي نالي تي سڀني ٻارن کان ڪيڪ ورتا ويندا آهن. چيف جسٽس به چيو ته گهرايل شيون استاد گهر کڻي ويندا آهن، اڄ تائين ٻارن کي اهي شيون واپس ناهن مليون جيڪي کانئن ورتيون ويون، اسڪولن جي وڪيل چيو ته ٽرپ جا پئسا سدائين کان ئي ڌار ورتا ويندا آهن. فيسن ۾ واڌ بابت والدين جو چوڻ هوته فيس ۾ ساليانو پنج سيڪڙو واڌ مناسب آهي، چيف جسٽس چيو ته والدين سميت سڀني جا مفاد نظر ۾ رکندي ان ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته بنيادي حق واپس نه ريگوليٽ ڪري سگهجن ٿا، تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، خانگي اسڪولن کي ريگوليٽ ڪرڻ به رياست جو ڪم آهي. خانگي اسڪولن جي وڪيل چيو ته رياست جي تعليم جي فراهمي ۾ ناڪامي جي خال کي نجي اسڪولن پورو ڪيو، هتي معياري تعليم لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. عدالت جو چوڻ آهي ته اسڪولن کي ساليانو پنج سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ گهرجي ته پوءِ لائسنس سرنڊر ڪري ڇڏين، چيف جسٽس چيو ته خانگي اسڪولن جو ڪاروباري نه پيو هلي ته پوءِ اسڪول ڇڏي بزنس ڪريو، اسڪولن ۾ جيڪو ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي، يونيفارمن ۽ ڪتابن تي ڌار سان ڪمائي ڪئي ويندي آهي، اسڪولن جو منافعو اربن ۾ آهي، نقصان رڳو  نفعي ۾ ٿيندو آهي، اسڪولن کي فيس ۾ غيرمعمولي واڌ لاءِ  ٽي سال انتظار ڪرڻو پوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں